22 جمعہ , فروری 2019

غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا: عائشه گلالئي جو پهريون شو فلاپ، چئني تڪن تان شڪست

Unrealistic and Nonprofessional Results: The first show of the ayesha gulalai, lost by the original tanksاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) 2018 جي عام چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف( گلالئي) جي سربراهه عائشه گلالئي قومي اسمبلي جي چئني تڪن تان ناڪام ٿي وئي.تفصيل موجب عائشه گلالئي قومي اسمبلي جي چئن تڪن تان چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪيو هو جنهن لاءِ هن هڪ پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف (گلالئي) پڻ تشڪيل ڏني هئي ۽ چونڊن جي غيرحتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجن موجب عائشه گلالئي جو پارٽي سربراهه طور سندس  پهريون شو فلاپ ٿي ويو آهي هو قومي اسمبلي جي چئني سيٽون هارائي وئي آهي. ياد رهي ته پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين، پرويز مشرف جي آل پاڪستان مسلم ليگ ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جو حصو رهندڙ عائشه گلالئي فيبروري 2018 ۾ پنهنجي ڌار سياسي پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف گلالئي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ فوج جو ترجمان سڀاڻي ڇا ڪندو….؟

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور سڀاڻي اهم پريس ڪانفرنس ڪندو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے