21 بدھ , نومبر 2018

چونڊن ۾ ڪاميابي: پي ٽي آءِ ۾ وزارتن جا اميدوار سامهون اچي ويا

Success in the election: Ministries of candidates in the PTI have come up اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاق ۽ ٻن صوبن ۾ ڪاميابي کانپوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ وڏن وزيرن ۽ وزارتن جا اميدوار سامهون اچي ويا آهن.نجي ٽي وي موجب غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب تحريڪ انصاف وٽ وفاق کانسواءِ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ اڪثريت حاصل آهي، جنهن کانپوءِ هاڻي پارٽي ۾ وڏن وزيرن ۽ اهم وزارتن جا اميدوار سامهون اچي ويا آهن. ذريعن موجب شاهه محمود قريشي، عليم خان ۽ فواد چوڌري پنجاب جي وڏي وزير ٿيڻ جا اميدوار آهن، جڏهن ته گذريل حڪومت ۾ ڪي پي ڪي جو صوبائي وزير عاطف خان هاڻي وڏ وزارت جو اميدوار آهي.اڳوڻي ڪي پي ڪي جي وڏي وزير پرويز خٽڪ جون نظرون وفاقي گهرو وزارت تي آهن، ڊاڪٽر شيرين مزاري پرڏيهي وزارت ۽ نيشنل سيڪيورٽي ڊويزن جي خواهشمند آهي، جڏهن ته اسد عمر کي عمران خان پهريان ئي ناڻي وارو وزير نامزد ڪري چڪو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرمي چيف سان ڪيمبرين پيٽرول ۾ گولڊ ميڊل کٽيندڙ ٽيم جي ملاقات

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي شعبي (آءِ ايس پي آر) جو چوڻ آهي ته آرمي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے