16 جمعہ , نومبر 2018

اليڪشن2018: تاريخي ڪاميابيءَ تي قومي ڪرڪيٽرن پاران عمران خان کي مبارڪون

ڪراچي(شوبز نيوز) قومي ڪرڪيٽرن طرفان عمران خان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف کي 2018 جي عام چونڊن تي مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي. قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد خان آفريدي چونڊن ۾ ڪاميابي تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي مبارڪ ڏني آهي.شاهد آفريدي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته تحريڪ انصاف ۽ عمران خان کي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪ هجي. 22 سالن جو جدوجهد جو نتيجو ڪاميابي جي صورت ۾ ملي ويو، پاڪستانين پاران توهان ۾ گهڻيون اميدون لاڳاپيل آهن، هارائيندڙ پارٽيون هار قبول ڪندي پاڪستان جي مضبوطي ۾ ڪردار ادا ڪن. قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار آل رائونڊر  محمد حفيظ پڻ عمران خان جي ڪاميابي تي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ هڪ ٽوئٽ ۾ لکيو ته توهان هڪ ڀيرو ٻيهر ڪري ڏيکاريون، ڪرپشن خلاف ڊگهي جدوجهد هئي. محمد حفيظ عمران خان کي  طاقتور، اعتماد جوڳو اڳواڻ قرار ڏيندي لکيو ته بڻجي ويو نئون پاڪستان انشاءَ الله. ڪرڪيٽر احمد شهزاد پڻ عمران خان جي جدوجهد جي ساراهه ڪئي ۽ کيس مبارڪ ڏني.هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته آخرڪار هان اسان وٽ اهڙو اڳواڻ آهي جنهن تي فخر ڪري سگهون ٿا دنيا اڳيان نئين پاڪستان جو خواب پورو ٿي ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے