17 ہفتہ , نومبر 2018

پي ٽي آءِ جي فتح  پوري قوم جي فتح آهي : اسد عمر

The PTI victory is the victory of the whole nation: Asad umerاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي فتح تي پوري قوم جي فتح آهي ، قوم کي ڪاميابيءَ جو مبارڪون پيش ڪيان ٿو پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي فتح تي پوري قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته (ن) ليگ جي عادت آهي، ان کي فيئر اليڪشن کٽڻ جي عادت نه آهي، (ن) ليگ پنهنجي شڪست تي بوکلاهٽ جو شڪار آهي، سندس سڀ کان وڌيڪ پريشاني سندس شڪست آهي. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو بيانيو ايندي ئي ڀارتي ميڊيا جي واويلا سمجهڻ واري شيءَ آهي پر ڀارتي ميڊيا جي واويلا باوجود پاڪستاني قوم کي مقابلو ڪرڻ اچي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي ته نظام بلڪل صحيح نظر آيو آهي ۽ هونئن به چونڊون پاڪستان تحريڪ انصاف نه پر اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ڪرايون آهن.اسد عمر جو چوڻ هو ته اسان کي ڪنهن شيءَ جي پٺيان لڪڻ جي ضرورت نه آهي. هن چيو ته ملڪ جو روشن دور شروع ٿيڻ واروآهي، پاڪستان هڪ انتهائي خوبصورت ملڪ آهي جنهن کي رڳو بهتر قيادت جي ضرورت آهي ۽ انشاءَ الله هاڻي اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن دنيا پاڪستان تي رشڪ ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايئرپورٽ اختيارين سان بدتميزي: گلگلت بلتستان جي وزير جي غير حاضري سبب ٻڌڻي ملتوي

لاهور( ويب ڊيسڪ ) گلگت بلتستان جي سياحت واري وزير فدا حسين طرفان اسلام آباد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے