17 ہفتہ , نومبر 2018

پي ٽي آءِ  سڀ کان وڏي سياسي پارٽي طور اڀري آئي آهي : شاهه محمود قريشي

The PTI has emerged as the biggest political party: Shah Mehmood Qureshiملتان (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف پارليامينٽ جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي طور اڀري آئي آهي ، هاڻي ملڪ کي سکيو ستابو بڻائڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي ويندي .پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف پارليامينٽ جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي طور اڀري سامهون آئي آهي .ميڊيا سان ڳالهائيندي  شاهه محمود قريشي چيو ته پنجاب  ۽ خيبرپختونخوا ۾ صورتحال گهڻي مثبت آهي، الله تعاليٰ پي ٽي آءِ کي حڪومت ٺاهڻ ۽ ملڪ جي خدمت جو موقعو ڏيندو.هن چيو ته غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن مطابق اسان جي جماعت جي پوزيشن  گهڻي مثبت آهي جنهن تي مان پنهنجي جماعت جي سربراهه عمران خان کي مبارڪون پيش ڪريان ٿيو .هن چيو ته خدا پاڪ موقعو فراهم ڪيو آهي هاڻي پي ٽي آءِ ملڪ جي عوام جي ڀرپور خدمت ڪندي ۽ ملڪ کي خوشحال بڻائڻ لاءِ جاکوڙ ڪندي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان گم ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿيل سي ڊي اي جي ڊپٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے