14 بدھ , نومبر 2018

اسلام آباد:عمران خان جي صدارت هيٺ بني گالا ۾ اهم اجلاس جاري

ISLAMABAD: Under the chairmanship of Imran Khan, a major meeting in Bana Gala continuedاسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي سربراهي ۾ بني گالا  ۾ پارٽي جو اهم اجلاس جاري آهي. عمران خان جي رهائش گاهه تي ٿيندڙ اجلاس ۾ شاهه محمود قريشي ۽ جهانگير ترين سميت پي ٽي آءِ پنجاب ۽ اسلام آباد جي اهم اڳواڻ شريڪ آهن.ذريعن موجب اجلاس ۾ وفاق ۽ پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ تي صلاح مشورا جاري آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل رات عمران خان جهانگير ترين ۽ شاهه محمود قريشي سان ٽيلي فون تي ڊگهي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ پارٽيءَ ڌڙابندي ختم ڪرڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. ٻئي پاسي عمران خان پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي اڳواڻن کي بني گالا طلب ڪري ورتو آهي جنهن ۾ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جي نالي تي غور ڪيو ويندو. ان کانسواءِ عمران خان 4 وڳي اهم ڪانفرنس پڻ ڪندو. واضح رهي ته ملڪ ۾ عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي واضح برتري حاصل آهي جنهن بعد هو وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے