18 اتوار , نومبر 2018

اليڪشن ڊيوٽي دوران پاڪ فوج جا وڌيڪ 5 جوان شهيد :ڊي جي آءِ ايس پي آر

During the election campaign, more 5 soldiers of Pak Army Shaheed: ISPRروالپنڊي(ويب ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته بٽگرام ۾ الڪيشن ڊيوٽي دوران حادثي ۾ پاڪ فوج جا وڌيڪ 5 جوان شهيد ٿي ويا. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري کاتي موجب اين اي 12 بٽگرام ۾ چونڊ مواد جي فراهمي بعد واپس ايندڙ گاڏي 250 فٽ اونهي کائي ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ ڌرتي جا وڌيڪ 5 پٽ وطن تان قربان ٿي ويا. ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته قوم جا 5 پٽ فرض نڀائيندي جانيون قربان ڪيون ۽ فرض جي راهه ۾ ڏنل قرباني کان وڏي ٻي ڪا به قرباني ناهي. اليڪشن ڊيوٽي دوران دهشتگردن جي حملي ۾ ۽ گاڏي جي حادثي ۾ شهيد جوانن جو انگ 8 ٿي ويو آهي. پاڪ فوج جي سڌ سماءِ واري کاتي موجب دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٽه اهلڪار شهيد ٿيا جن جي سڃاڻپ سپاهي عمران، سپاهي جهانزيب ۽ سپاهي اڪمل جي نالن سان ٿي جڏهن ته حملي ۾ پولنگ ٽيم جو اسڪول ٽيچر سيف الله پڻ شهيد ٿيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے