18 اتوار , نومبر 2018

بهاول نگر ۾ ن ليگ جي نئين چونڊيل ايم اين اي تي غنڊا گردي جو ڪيس داخل

بهاول نگر (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي شهر بهاول نگر ۾ ن ليگ جي نئين چونڊيل ايم اين اي عالم داد لاليڪا تي غنڊا گردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. عالم داد لاليڪا تي پولنگ اسٽيشن نمبر 54 تي اهلڪار سان اڍنگو رويو اختيار ڪرڻ جي الزام ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ن ليگ اميدوار عالم داد لاليڪا ڊيوٽي تي مقرر ڪيپٽن ياسر کي ڌڪو ڏئي پولنگ اسٽيشن ۾ داخل ٿيو ۽ فوجي آفيسر سان نازيبا رويو اختيار ڪيو. ن ليگ اميدوار تي غنڊا گردي جو ڪيس فوجي جوان ظهير حسين جي فرياد تي ٿاڻي سٽي بي ڊويزن ۾ داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ن ليگ ايم اين اي حفاظتي ضمانت لاءِ سيشن جج سان رابطو ڪيو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے