15 جمعرات , نومبر 2018

عمران خان قومي اسيمبلي جي پنجن ئي تڪن تان ڪاميابي ماڻي نئون رڪارڊ جوڙي ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان عام چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جي 5 ئي سيٽن تي ڪاميابي ماڻي نئون رڪارڊ جوڙي ورتو آهي. عام چونڊن جا نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ هيل تائين غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب تحريڪ انصاف کي 119 سيٽن سان ٻين جماعتن تي واضح سرسي حاصل آهي، جڏهن ته ن ليگ 64 سيٽن سان ٻئي نمبر تي آهي. چونڊن ۾ هڪ پاسي جتي مولانا فضل الرحمان، سراج الحق، پير صدرالدين شاهه راشدي، محمود خان اچڪزئي، مصطفيٰ ڪمال ۽ اسفند يار ولي سميت مختلف شخصيتن کي شڪست ملي، اتي ئي وري تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان قومي اسيمبلي جي سمورين سيٽن تي ڪاميابي ماڻي آهي. عمران خان قومي اسيمبلي جي 5 سيٽن تان چونڊ وڙهيو ۽ سڀني تي ڪامياب رهيو. هن اين اي 53 اسلام آباد تي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي شڪست ڏني. عمران خان 92891 ووٽ کڻي ڪامياب رهيو، جڏهن ته ن ليگ اميدوار شاهد خاقان عباسي 44314 ووٽ کڻي سگهيو. عمران خان اين اي 35 بنون تان ايم ايم اي اميدوار اڪرم دراني کي شڪست ڏني ۽ چونڊ نتيجن موجب 24317 ووٽ کڻي پهرين ڪامياب رهيو، جڏهن ته اڪرم دراني 22514 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو. ڪراچي مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 43 تي عمران خان ايم ڪيو ايم جي علي رضا عابدي کي وڏي مارجن تان شڪست ڏني. تحريڪ انصاف سربراهه 91358 ووٽ کنيا، جڏهن ته علي رضا عابدي 24082 ووٽ کڻي سگهيو. عمران خان پنهنجي اباڻي تڪ ميانوالي ۾ اين اي 95 تان به ڪامياب رهيو، جتي هن 162499 ووٽ کنيا، جڏهن ته سندس مخالف اميدوار ن ليگ جو عبدالله شادي خيل 49505 ووٽ کڻي سگهيو. عمران خان جو سڀ کان سخت مقابلو لاهور مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 131 تي ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق سان ٿيو، جتي هو رڳو 600 ووٽن جي فرق سان ڪامياب رهيو. عمران خان 84313 ووٽ حاصل ڪيا، جڏهن ته خواجا سعد رفيق کي 83633 ووٽ مليا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے