17 ہفتہ , نومبر 2018

پنجاب ۾ حڪومت ڪير ٺاهيندو؟ ن ليگ ۽ تحريڪ انصاف ۾ سخت مقابلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ ن ليگ ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ دلچسپ مقابلو آهي، جتي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب ٻنهي پارٽين کي 122-122 سيٽون حاصل آهن. پنجاب اسيمبلي ۾ مجموعي طور سيٽن جو انگ 371 آهي، جن مان 66 سيٽون عورتن ۽ 8 اقليتن لاءِ مخصوص آهن ۽ ڪنهن به پارٽي کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ 149 سيٽن گهربل آهن. هيل تائين وصول ٿيندڙ غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پ پ 5، ق ليگ 3، جيپ 2، پاڪستان مسلم ليگ 2 ۽ پاڪستان عوامي راج پارٽي هڪ سيٽ تي سرسي حاصل آهي. غير سرڪاري نتيجن موجب پنجاب ۾ 27 آزاد اميدوارن کي به سرسي حاصل آهي. ڪنهن به پارٽي کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ آزاد اميدوار اهم ڪردار ادا ڪندا ۽ حڪومت ٺاهڻ لاءِ تحريڪ انصاف ۽ ن ليگ ۾ ننهن چوٽيءَ جو مقابلو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے