13 منگل , نومبر 2018

عمران خان اين اي 131 جي چونڊ 50 ڪروڙ رپين ۾ خريد ڪئي: سعيد رفيق جو الزام

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق الزام هڻندي چيو آهي ته عمران خان اين اي 131 جي چونڊ 50 ڪروڙ رپين ۾ خريد ڪئي. لاهور جي تڪ اين اي 131 ۾ خواجا سعد رفيق جو مقابلو تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سان هو پر هو ڪامياب نه ٿي سگهيو. شڪست کانپوءِ پنهنجي بيان ۾ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته اين اي 131 ۾ ن ليگ شڪست ”شڪستِ فاتحاڻي“ آهي، ڇو ته اسان لاڳيتو 4 سال ميڊيا ٽرائل، سازشن، ڇڪ ڇڪان، عدالتي ڪاررواين ۽ دٻاءَ کي منهن ڏنو. سندس چوڻ هو ته منهنجو اڳوڻو تڪ 3 حصن ۾ ورهايو ويو هو ۽ اين اي 131 لاڏلي لاءِ تيار ڪيو ويو، جڏهن ته پولنگ جي 22 ڪلاڪن کانپوءِ نتيجن جو اعلان ڪيو ويو. هن چيو ته 40 پولنگ اسٽيشنز تي پولنگ ايجنٽن کي نتيجا ڏيڻ ۾ غير معمولي دير ۽ انڪار ڪيو ويو، جڏهن ته فوت ٿيلن جا ووٽ به وڌا ويا. سعد رفيق الزام هڻندي چيو ته عمران خان اين اي 131 جي چونڊ 50 ڪروڙ رپين ۾ خريد ڪئي، انڌاڌنڌ پئسو استعمال ڪيو ويو. هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ ن ليگ اڳواڻ چيو ته هر خراب ڪم ڪري عمران رڳو 680 ووٽن جي اڪثريت حاصل ڪري سگهيو، جيڪڏهن ٿوري به لَڄ اٿوَ ته ٻڏي مرو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Justin Trudeau says Canada in talks with Pakistan over Asia Bibi

آسيه بي بي کي پناهه ڏيڻ واري معاملي تي پاڪستان سان رابطي ۾ آهيون: جسٽن ٽروڊو

پئرس ( ويب ڊيسڪ ) ڪئناڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو چيو آهي ته سندس حڪومت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے