13 منگل , نومبر 2018

تبديلي حقيقي طور تي اچڻ گهرجي

ملڪ جي قيام کي مجموعي طور تي 70 –  سالن جو عرصو ٿيندو انهن ستر سالن مان ملڪ جهڙوڪر 35- سال آمريتن جي ور رهيو آهي ۽ 35 سالن جي عرصي دوران ملڪ تي نالي ماتر جمهوري دور رهيا آهن، اهي جمهوري دور به اهڙا رهيا آهن جو انهن جمهوري دورن جي حڪومتن مان اڪثر حڪومتن پنهنجا مدا به پورا نه ڪيا آهن، جن جو مجموعي طور تي مقصد ٿيندو ته هي ملڪ پنهنجي سموري تاريخ ۾ ڪنهن نه ڪنهن طور تي آمريتن جي ور چڙهيل رهيو آهي، جنهن ڪري ملڪ جي سياسي قيادت تي عالمي سطح تي بي انتها تنقيد ٿيندي رهي آهي،

پر جيڪڏهن ان کان ٿورو اڳتي ڏسجي ته هي ملڪ پنهنجي قيام جي ستر سالن دوران پاڙيسري ملڪ سان ٻن جنگين ۾ مصروف رهيو آهي، 80ع جي ڏهاڪي کان وٺي افغان معاملي ۾ ڇڪبو رهيو جنهن ڪري اڃان تائين جهڙوڪر جنگ جي صورتحال ۾ آهي، پاڙيسري ملڪ سان ٻن جنگين ۾ ايترا ماڻهو اجل جو شڪار نه ٿيا هوندا جيترا ماڻهو افغانستان جي معاملي دوران مارجي ويا آهن، هڪ اندازي موجب افغان معاملي بعد ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ بدامنيءَ جي صورتحال ڪري تقريبا ستر هزار ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن ۽ لکين ماڻهو زخمي ٿيا جن مان ڪيئي بعد ۾ فوتين ۾ شامل ٿيندا ويا.

ڪشمير جي صورتحال جيئن جو تيئن آهي، جيڪا پڻ هڪ جنگ کي جنم ڏئي چڪي آهي ۽ صورتحال اڃان جيئن جو تيئين آهي، ٻئي پاسي ملڪ ۾ غربت، بک ۽ بيمارين ۾ مبتلا ماڻهن جي شرح ۾ مسلسل واڌارو ٿي رهيو آهي، ملڪ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ زرعي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ هنيو آهي خاص ڪري سنڌ جي زرعي معيشت جهڙوڪر تباهه ۽ برباد ٿي وئي آهي ۽ ايندڙ سالن لاءِ پاڻيءَ جي کوٽ جو منظر پڻ شديد ٿيندي نظر اچي رهيو آهي.

ملڪ تي وڌندڙ پرڏيهي قرضن جي مقدار ۾ پڻ انتهائي واڌ ٿي وئي آهي جيڪي هر ايندڙ حڪومت ۾ وڌي رهيا آهن، خاص ڪري مسلم ليگ جي گذريل دورن ۾ انهن ۾ انتهائي واڌ ٿيندي رهي آهي جنهن ڪري ملڪ جي معاشي ترقيءَ جا سمورا رستا بند ٿي ويا آهن، ڇو؟ جو ملڪ جي آمدنيءَ جو هڪ وڏو حصو پرڏيهي قرضن جي ڏس ۾ ادا ڪرڻو پئجي رهيو آهي، نتيجي ۾ ملڪ ۾ مجوعي طور تي ٿيندڙ انساني ترقيءَ جو عمل ڄڻ ته گذريل ٽن ڏهاڪن کان عملي طور تي رڪيل آهي.

25- جولاءِ 2018ع تي ٿيندڙ چونڊن جي نتيجي ۾ مجموعي طور تي تحريڪ انصاف سوڀاري ٿي اڀري آئي آهي ۽ پنهنجي ايندڙ حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڪوششن ۾ آهي، تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمران خان متوقع وزير اعظم طور تي هڪ غير رسمي خطاب پڻ ڪيو آهي جيڪو ملڪ جي مجموعي صورتحال جي پيش نظر ۽ زميني حقيقتن جي ويجهو آهي. هُن پنهنجي خطاب ۾ جيڪي ڳاليهون چيون آهن انهن مان چند اهم ڳالهين جو ذڪر هتي ڪرڻ انتهائي اهم آهي،

هُن چيو ته مون کي رب تعالى 22- سالن جي جدوجهد بعد هي موقعو فراهم ڪيو آهي ته مان 22- سال اڳ سياست ڪرڻ لاءِ جيڪو منشور جوڙيو هو ان تي عمل ڪيان ۽ هن ملڪ جي پيڙيل عوام جي زندگين کي بهتر بڻايان، هُن پنهنجي خطاب ۾ بلوچستان جو پڻ ذڪر ڪيو ۽ چيو ته بلوچستان جو عوام جيئن چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ ٻاهر نڪتو آهي ان لاءِ هو سڄي پاڪستان جي عوام طرفان مبارڪن جو مستحق آهي جو بلوچستان جي عوام  جمهوريت کي مضبوط ڪيو آهي. هُن چيو ته مان پاڪستان کي مديني جهڙي هڪ فلاحي رياست ٺاهيندس جتي حضرت عمر رضه جهڙي خليفي کي به اهو چوڻو پيو هو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ ڪو ڪُتو به بکيو آهي ته مان ان جو ذميوار آهيان، ۽ مان اهو ٿو سمجهان ته جيڪڏهن منهنجي حڪومت ۾ غريب ۽ پيڙيل طبقي جو عوام اڳتي نه ٿو اچي، ان جي صورتحال بهتر نه ٿي ٿئي ته مان ان جو ذميوار هوندس، هُن ملڪ جي معيشت جو به ذڪر ڪيو خاص ڪري ملڪ تي چڙهيل قرضن جو ذڪر ڪندي چيو ته اسان کي مجموعي طور تي پنهنجي معيشت بهتر بڻائڻو پوندو  ۽ قرضن تي گهٽ ۾ گهٽ انحصار ڪرڻو پوندو، عمران خان ملڪ ۾ ٻارن جي تعليم، عام ماڻهن جي صحت، ڄم دوران عورتن جي مرتين ۽ گندي پاڻي پيئن سبب ماڻهن جي مرڻ جو پڻ ذڪر ڪيو، هُن جيڪا ڳالهه اهميت جي حوالي سان ڪئي آهي اها آهي پاڙيسري ملڪن سان تعلقات بهتر بڻائڻ، ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ جوڳا اپاءَ کڻڻ ۽ سندس مٿان جن ماڻهن تنقيد يا الزام تراشي ڪئي آهي انهن کي معاف ڪرڻ، سندس چوڻ هو ته اسان کي هاڻي اڳتي ڏسڻو آهي.

اسان مجموعي طور تي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمران خان جي انهيءَ غير رسمي خطاب کي انتهائي اهميت جي نگاهه سان ڏسون ٿا ۽ سمجهون ٿا ته عمران خان جيڪا تقرير ڪئي آهي اها زميني حقيقتن جي انتهائي ويجهو آهي ۽ هُن پنهنجي غير رسمي خطاب ۾ جيڪي به ڳالهيون ڪيون آهن، اهي هن ملڪ لاءِ جهڙوڪر سنگين مسئلا آهي جن کي حل ڪرڻ لاءِ هو پرعزم ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي، اسان ۽ سنڌ جو عوام سمجهي ٿو ته عمران خان کي هڪ نازڪ وقت ۾ اهم ترين ذميواريون مليون آهن جن کي نڀائڻ لاءِ کيس تمام گهڻي محنت ڪرڻي پوندي. اسين سمجهو ٿا ته عمران خان پنهنجي 22- سالن جي سياسي ڪيريئر ۾ جنهن تبديليءَ جي ڳالهه ڪندو رهيو آهي هاڻي کيس تاريخ ڀرپور موقعو فراهم ڪيو آهي ته هو “ تبديلي آڻي، هڪ حقيقي تبديلي”، جنهن جي کائنس اسان ۽ سڄي ملڪ جو عوام تقاضا به ڪري ٿو ۽  توقع به ڪري ٿو.

جمعو 27 جولاءِ 2018ع، 13 ذوالقعد 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچيءَ جون حددخليون هٽائڻ ڪنهن به نقصان کانسواءِ قبول آهن

هڪ ڀيرو ٻيهر، ٽيهر يا ان کان به وڌيڪ ڀيرا ڪراچيءَ جي مُک علائقي صدر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے