10 پیر , دسمبر 2018

خواجه سعد رفيق اين اي 131 تان عمران خان جي ڪاميابي چئلينج ڪري ڇڏي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق اين اي 131 تي تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي ڪاميابيءَ کي چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.  مسلم ليگ ن اڳواڻ خواجه سعد رفيق اين اي 131 ۾ تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي ڪاميابي کي چئلينج ڪندي رٽرننگ آفيسر اختر ڀنگو وٽ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي.  درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اين اي 131 ۾ ڪيترائي ووٽ رد ٿيا جيڪي پرزائيڊنگ آفيسر ڄاڻي ٻجهي رد ڪيا تنهن ڪري اين اي 131 ۾ ووٽن جي ڳڻپ ٻيهر ڪئي وڃي جڏهن ته ڳڻپ جو عمل مڪمل ٿيڻ تائين نوٽيفڪيشن به جاري نه ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

لاهور هاءِ ڪورٽ جو وضو جو پاڻي ٻوٽن کي ڏيڻ جو حڪم

لاهور(ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ پاڻي محفوظ ڪرڻ واري هڪ درخواست جي ٻڌڻي دوران انتظاميا کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے