18 اتوار , نومبر 2018

بلڊ پريشر تي ڪنٽرول ڪيو، مختلف دماغي بيمارين کان محفوظ رهو

Control blood pressure, be protected from various mental illnessesلنڊن(ويب ڊيسڪ) لاڳيتو هاءِ بلڊ پريشر جي مريض جيڪڏهن بلڊ پريشر جي معمول تي آڻي 120 تي محدود رکن ته ان سان عمر سان گڏوگڏ دماغي ڪمزوري، يادداشٽ ۾ گهٽتائي ۽ الزائيمر تائين ويندڙ ڪيفيتن کي ڪافي حد تائين ختم ڪري سگهجي ٿو. سادن لفظن ۾ بلڊ پريشر کي صحت مند پيماني تائين ٻڌي رکڻ سان دماغي صلاحيت ۽ يادداشت ۾ گهٽتائي جو خدشو 19 سيڪڙو ۽ ڊيمنشيا جو خطرو 15 سيڪڙو تائين گهٽ ٿي ويندو آهي. شڪاگو جي الزائيمر تي سالياني ڪانفرنس کي خطاب ڪندي الزائيمر ايسوسي ايشن سان واسطو رکندڙ پروفيسر هيڊر سنائڊر چيو آهي ته هن تحقيق جي حتمي نتيجن تي پهچڻ لاءِ جيتوڻيڪ وڌيڪ ڪجهه سال لڳندا پر هن وقت تائين جي مطالعي مان اهو پتو ويو آهي ته بلڊ پريشر کي صحتمند سطح تي رکڻ الزائيمر ۽ ٻين بيمارين کان بچاءِ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. هن وقت رڳو آمريڪا ۾ ئي الزائيمر جا 50 لکن کان وڌيڪ مريض موجود آهن ۽ انهن مان ٻه لک مريضن جي عمر 65 ورهين کان گهٽ آهي. هن وقت تائين اهي مريض لاعلاج آهن پر صحت مند زندگي ان رفتار کي گهٽ ڪري سگهي ٿي. ان سلسلي ۾ سسٽولڪ بلڊ پريشر انٽروينشن ٽرائل يا اسپرنٽ نالي هڪ تمام وڏي سروي ڪيو ويو . ان سروي ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن بلڊ پريشر 120 يا ان کان گهٽ هجي ته فالج، دل جي بيماري، گڙدن ۽ ٻين بيمارين جو خطرو ڪافي حد تائين گهٽ ٿي سگهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هاڻ ماهرن صحت مند فشارِ رت جي شرح 120 يا ان کان گهٽ رکي آهي نه ته پهريان اها شرح 140 تائين هئي. ان مطالعي ۾ بلڊ پريشر گهٽ ڪرڻ ۽ ڊيمنشيا جي وچ تعلق جو به مطالعو ڪيوويو آهي. ان لاءِ 9361 ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويو آهي جن جي ايوريج عمر 68 ورهيه هئي. انهن مان اڌ جو بلڊ پريشر ڪنهن کي طرح 120 تائين محدود رکيو ويو جڏهن ته باقي بچيل اڌ ماڻهن جو بلڊ پريشر کي معياري علاج فراهم ڪيو ويو جنهن اسٽينڊرڊ ٿراپي چيو ويندو آهي. انهن ۾ جن ماڻهن پنهنجو بلڊ پريشر 120 يا ان کان گهٽ رکيو هو انهن ۾ ڊيمنشيا ۽ الزائيمر جو ڪو به امڪان سامهو ناهي آيو ۽ هاءِ بلڊ پريشر وارن ماڻهن ۾ ذهني ۽ دماغي بيمارين جي شرح وڌيڪ ڏٺي وئي. اهڙي طرح بلڊ پريشر کي قابو ۾ رکڻ تمام گهڻو ضروري آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته بلڊ پريشر گهٽ ڪرڻ لاءِ باقاعدا ورزش، لوڻ جو گهٽ استعمال ۽ سبزين ۽ ميون جو استعمال تمام گهڻو فائديمند ثابت ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪافي پيئڻ سان توانائي ۾ اضافو ٿيندو آهي: تحقيق

اوٽاوا(ويب ڊيسڪ) ماهرن چيو آهي ته ڪافي پيئڻ سان نه صرف انسان جي توانائي ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے