18 اتوار , نومبر 2018

نيوز: کهڙا:  پي ايس 31  جي تڪ تي پ پ اميدوار نعيم احمد خان کرل جي  ڪاميابي تي رقص

Khuhra: Celebrations on the winning of PS 31 constituency*کهڙا ۾ پي ايس 31  جي تڪ تي پ پ اميدوار نعيم احمد خان کرل جي  ڪاميابي تي جيالن پاران جشن ملهائي مٺايون ورهايون ويون.

پ پ اميدوار نعيم خان کرل جي ڪاميابي جي خوشي ۾  ميان رازق ڏني، ميان باشاهه، حاڪم گهمرو،  ميان شڪور اڄڻ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي سڄي شهر جو گشت ڪري گيتن تي جمهريون هنيون ويون.

هوڏانهن ريڍر ۾  اعجاز علي لاشاري، اصغر لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ موٽر سائڪلين جي ريلي ڪڍي وئي، ڳوٺ پهلوان خان شر، ڳوٺ قلندرڏنو شر جا ڳوٺاڻا به نعيم کرل جي ڪاميابي جي خوشي ۾ نڪري پيا.

ٻئي پاسي  عبدالرزاق اڄڻ، عبدالحڪيم شر، رئيس شمشاد خان مري ۽  ٻين پ پ اڳواڻن گمبٽ کرل هائوس پهچي نعيم خان کرل کي مبارڪون ڏنيون ۽ گلن جا هار پارايا.

هوڏانهن ڳوٺ غلام عباس گهمرو مان پ پ جي جيالن نعيم کرل جي ڪاميابي جي خوشي ۾ اشفاق گهمرو، ضمير گهمرو، فياض گهمرو، محمد زمان گهمرو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي گمبٽ پهچي نعيم کرل کي مبارڪ ڏني وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : ڪشمور  ۾ سکر بيگاري بند ڊويزن ايريگيشن  جي ڪلارڪ   خلاف  بيروزگار نوجوان  جو  احتجاج

ڪشمور  ۾ سکر بيگاري بند ڊويزن ايريگيشن عملدارن  خلاف  بيروزگار  احتجاج ڪيو . نوجوان عنايت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے