14 بدھ , نومبر 2018

عمران خان 14 آگسٽ کان اڳ وزيراعظم جو حلف کڻندو: نعيم الحق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ نعيم الحق چيو آهي ته عمران خان 14 آگسٽ کان اڳ وزيراعظم جو حلف کڻندو. اسلام آباد بني گالا ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي نعيم الحق چيو ته اي پي اي ۾ وڏين پارٽين هاڪاري فيصلو ڪيو ۽ حلف برداري تقريب ۾ وڏين پارٽين جي شرڪت سٺو سنئوڻ آهي، جڏهن ته مولانا فضل الرحمان جي ناڪاري ڪردار جي مذمت ڪيان ٿو، هو هاڻ به ناڪاري سوچ جو مظاهرو ڪري رهيو آهي پر کيس احساس هجڻ گهرجي ته ملڪ جو عوام ڇا ٿو چاهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ۽ صدر جلد اسيمبلي جو اجلاس گهرائيندا ۽ نمائندا حلف کڻندا، 14 آگسٽ کان اڳ عمران خان وزيراعظم هوندو، ملڪ جي معيشت تباهه ۽ پاڪستان کي خطرا آهن، تنهن ڪري سڀ ساٿ ڏين.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي: شاهه فيصل ۾ نجي اسڪول جو شاگرد پر اسرار نموني فوت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي شاهه فيصل ۾ هڪ نجي اسڪول ۾ شاگرد پر اسرار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے