18 اتوار , نومبر 2018

  اليڪشن ڪميشن کي وڌيڪ طاقت ڏئي غلطي ڪئي: اياز صادق

لاهور(ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ ن جي اڳواڻ اياز صادق چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي وڌيڪ بااختيار بڻائڻ غلطي هئي،   اليڪشن ڪميشن کي اوقات کان وڌيڪ طاقت ڏئي غلطي ڪئي .مسلم ليگ ن جي اڳواڻ اياز صادق چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي وڌيڪ بااختيار بڻائڻ غلطي هئي اسان اليڪشن ڪميشن کي اوقات کان وڌيڪ طاقت ڏئي ڇڏي .اياز صادق جي سربراهي ۾ مسلم ليگ جو وفد چونڊ نتيجن تي خدشا ۽ شڪايتون کڻي چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات لاءِ اليڪشن ڪميشن پهتو ته چيف اليڪشن ڪمشنر ملاقات کان انڪار ڪري ڇڏيو.ان موقعي تي اياز صادق ٻڌايو ته صبح چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس (ر) سردار رضا سان فون تي ڳالهه ٿي جنهن ۾ هن سان ملاقات لاءِ وقت ڏيڻ جي درخواست ڪئي وئي پر هاڻ ملڻ کان انڪار ڪيو پيو وڃي ۽ اليڪشن ڪميشن اختيارين طرفان وقت ڏيڻ تي ٽال مٽول ڪئي پئي وڃي.اياز صادق چيو ته اسان چيف اليڪشن ڪمشنر جي استعيفيٰ گهرڻ آيا آهيون، اين اي 57 ۾ ٻيهر ووٽن جي ڳڻپ لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ اپيل  ڪئي آهي ته اليڪشن ڪميشن رٽرننگ آفيسر جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي.ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن جي ترجمان الطاف خان اياز صادق جي بيان جي ترديد ڪندي چيو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر 5 وڳي تائين ملاقات جي انتظار ۾ ويٺو هو جڏهن ته اياز صادق وقت تي نه آيو ۽ پوءِ اليڪشن ڪمشنر هليو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے