14 بدھ , نومبر 2018

 انڊونيشيا ۾ زلزلو: 10 ڄڻا فوت،  ڪيترائي زخمي عمارتون ڊهي پٽ

 انڊونيشيا ۾ زلزلو: 10 ڄڻا فوت،  ڪيترائي زخمي عمارتون ڊهي پٽجڪارتا(ويب ڊيسڪ) انڊونيشيا ۾ 6 ڏهائي 4 جي شدت سان آيل زلزلي جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا فوت جڏهن ته ڪيتريون ئي عمارتون ڊهي پٽ ٿي ويون زلزلي  سبب مختلف حادثن ۾ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. پرڏيهي خابرو اداري موجب انڊونيشيا ۾ زلزلي سبب عمارتون ڪرڻ سميت مختلف حادثن ۾ 10 ڄڻا فوت جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا، آمريڪي جيولوجيڪل سروي موجب ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 6 ڏهائي 4 ريڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته زلزلي جو مرڪز متارم جي شهر ۾ 50 ڪلوميٽر زير زمين هو جڏهن انڊونيشيائي اختيارين موجب سونامي جو خطرو ناهي.  انڊونيشيا جو جزيرو لمبوڪ زلزلي ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو جتي ڪيتريون عمارتون ڊهي پٽ ٿي ويون ۽ ٻيو به ڪيتروئي نقصان ٿيو. ملبي هيٺ دٻجي وڃڻ سبب ڪيترائي ماڻهون زخمي ٿي پيا جڏهن ته ماڻهن کي ملبي هيٺان ڪڍڻ لاءِ امدادي ڪاروائيون جاري آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Six Palestinians martyred in clashes during Israel operation in Gaza

اسرائيلي فوج جي غزه تي بمباري،  وڌيڪ 3 فلسطيني شهيد

غزا( ويب ڊيسڪ ) فلسطين جي علائقي غذا ۾ اسرائييلي بمباري ۾ وڌيڪ 3 فلسطيني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے