18 اتوار , نومبر 2018

ڇا مسٽر پرفيڪشنسٽ، عمران خان سان ڪيل واعدو پورو ڪندو؟

Will Mr Finishist complete the promise made by the captain?ممبئي(ويب ڊيسڪ) باليووڊ مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان ماضي ۾ عمران خان سان واعدو ڪيو هو ته هو جڏهن به چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندو ته هو ان جو جشن پاڪستان ۾ اچي ملهائيندو. 2013 جي عام چونڊن کان اڳ ڀارت جي دوري تي عمران خان هڪ تقريب ۾ شريڪ ٿيو هو جنهن ۾ باليووڊ ستارن سميت ڪيترن ئي ناليوارين شخصيتن شرڪت ڪئي هئي. ان موقعي ته عمران خان سان سوالن ۽ جوابن دوران باليووڊ اداڪار عامر خان پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين جي جوابن کان تمام گهڻو متاثر ٿيو هو ۽ هن عمران خان کي بهترين سوچ ۽ نظرئي جو مالڪ قرار ڏنوهو . ان موقعي ته عامر خان جو چوڻ هو ته هو دعا ڪري ٿو ته پاڪستان ۾ هڪ اهڙي حڪومت اچي جيڪا واقعي به پاڪستان جا مسئلا حل ڪري سگهي، جن جو ارادو هجي ته پاڪستان ۾ خوشحالي اچي ۽ اهو نه رڳو پاڪستان لاءِ سٺو هوندو پر اسان لاءِ پڻ بهتر ٿيندو. هن جو چوڻ هو ته سندس دل چئي ٿي ته توهان ڪامياب ٿيندا ڇو ته توهان ڪيترن ئي سالن کان محنت ڪري رهيا آهيو، جڏهن توهان پنهنجي جدوجهد شروع ڪئي هئي ته ڪيترائي چيلنج  سامهو هئا پر توهان انهن جو ڄمي مقابلو ڪيو. عامر خان جو عمران لاءِ وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪو خواب توهان ڏسي رهيا آهيو منهنجي دعا آهي ته توهان جو خواب پورو ٿئي ۽ جنهن نيت سان توهان قدم وڌايا آهن ان ۾ ڪامياب ٿيو. ٻئي پاسي عمران خان پڻ عامر خان کي  مخاطب ٿيندي چيو ته پوءِ توهان کي چونڊن کان اڳ پاڪستان اچڻو پوندوجنهن عامر خان واعدو ڪيو ته هو چونڊن کان اڳ نه پر جڏهن توهان ڪامياب ٿي ويندا تڏهن پاڪستان اچي پاڻ سان گڏ کوڙ ڀارتي دوستن کي ساڻ وٺي توهان جي ڪاميابي جو جشن ملهائينداسين. عمران خان  ۽ عامر خان جي وچ ۾ اها ڳالهه ٻولهه 2013 جي چونڊن کان اڳ ٿي هئي پر 2018 جي چونڊن ۾ عمران خان جي پارٽي نه رڳو وڏي ڪاميابي پر عمران خان ملڪ جو وزيراعظم بڻجڻ جي پوزيشن ۾ آهي. سوشل ميڊيا تي جتي عمران خان کي ڪاميابيءَ جون مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي اتي ئي ڪجهه سوشل ميڊيا واهپيدارن 5 ورهيه اڳ عامر خان جي واعدي جي ويڊيو شيئر ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته هاڻ توهان پنهنجو واعدو پورو ڪيو. پاڪستاني راڳي ۽ اداڪار علي ظفر مسٽر پروفيڪشنسٽ  کي هڪ ٽوئيٽ ذريعي چيو ته هاڻ واعدو پورو ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. ياد رهي ته راڳي علي ظفر پڻ ان تقريب ۾ شريڪ ٿيو هو جنهن ۾ اداڪار عمران خان کان سندس ڪاميابيءَ  جو جشن ملهائڻ لاءِ پاڪستان اچڻ جو واعدو ڪيو هو. عامر خان ئي نه  پر باليووڊ دبنگ سلمان خان ۽ ڪنگ خان شاهه رخ خان پڻ عمران خان جا مداح آهن ۽ سندس ڪاميابي تي هنن سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار هو

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے