14 بدھ , نومبر 2018

سمنڊ رستي حج پانڌيئڙن جو پهريون قافلو سعودي عرب پهچي ويو

The first caravan of pilgrims reached the sea of Saudi Arabia رياض(ويب ڊيسڪ) سمنڊ رستي  پهريون سوڊاني حج پانڌيئرن جو قافلو ڀلي پار پهچي ويو. جده جي بندرگاهه تي حاجين جي آجيان سوڊاني سفير ۽ حج وزارت جي ريجنل ڊائريڪٽر ۽ بندرگاهه جي اعليٰ عهديدارن ڪئي.سعودي خابرو اداري مطابق سمنڊ رستي حاجين جو اهو پهريون قافلو آهي جيڪو اڄ جده جي اسلامي بندرگاهه تي پهتو جنهن بعد بندرگاهه تي حاجين جي آمد جو سلسلو به شروع ٿي ويو. حج وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پهرين قافلي جي آجيان گلن جي ورکا سان ڪئي وئي ۽ انهن کي روايتي عرب قهوه ۽ کارڪون پيش ڪيون ويون. عوامي امن بابت سعودي اداري جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ رهندڙ پرڏيهي ۽ مقامي ماڻهو حج اجازت نامن کان بغير مڪي جو سفر نه ڪن.اداري طرفان ٽوئٽر تي جاري ٿيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملڪي قانون موجب حج تي وڃڻ لاءِ پرمٽ لازمي آهي. مڪي جي سڀني اندرين رستن تي چيڪ پوسٽون ڪم ڪري رهيون آهن جتي حج پرمٽ يا مڪي توڙي مقدس هنڌن تي وڃڻ جي پرمٽ ڏيکارڻ لازمي آهي، جن ماڻهن وٽ پرمٽ نه هوندي انهن کي چيڪ پوسٽ پار ڪرڻ نه ڏني ويندي. اهڙا ماڻهو جيڪي پرمٽ کان بنا مڪي شريف ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا اهي نتيجن جا پاڻ ذميوار هوندا. پرمٽ کان بنا مڪي ويندڙن کي چيڪ پوسٽن تان واپس موڪليو ويندو آهي. احرام پائي ويندڙن جا فنگر پرنٽس به ورتا ويندا آهن  جيڪي خلاف ورزي جي زمري ۾ اچن

هي به ڏسي سگهو ٿا

Uganda school fire: 'Arson attack' leaves 10 dead

يوگنڊا ۾ شاگرد اسڪول کي باهه ڏئي ڇڏي، 11 ٻارڙا سڙي فوت

يوگنڊا ( ويب ڊيسڪ ) آفريڪي ملڪ يوگنڊا ۾اسڪول مان نيڪالي ڏيڻ تي ناراض شاگرد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے