17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز |غوثپور:  بجاراڻي ۽ تيغاڻي برادري ۾ جهيڙو، فائرنگ،  2 ڄڻا قتل ،  3 نوجوان زخمي

Gouspur, Sarhad, Daharki, Badah, Gambhatغوثپور  ويجهو  بجاراڻي ۽ تيغاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار ٻيهر ڪر کنيو  فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا قتل ۽ 3 نوجوان زخمي ٿي پيا.

ڳوٺ مھراڻ بجاراڻي ۾ تيغاڻي ۽ بجاراڻي برادرين  جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي جي نتيجي ۾ شاهنواز ۽ ميانداد بجاراڻي مارجي ويا .

فائرنگ  جي نتيجي ۾  جليل بجاراڻي سميت ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا  جڏهن فائرنگ جو سلسلو جاري آهي.

مارجي ويلن جا مڙهه ۽ زخمين کي ترت ئي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي کين  طبي امداد فراهم ڪئي وئي .

بجاراڻي ۽ تيغاڻي برادرين ۾ تڪرار ڪيتري ئي عرصي کان جاري آهي ،  ٻن ماڻهن جي قتل ٿيڻ سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو آهي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: غلام نبي شاھ: جمعا ۽ سگا شاخ جي پڇڙي جي  آبادگارن  جو پاڻي نه پهچڻ خلاف مظاهرو

غلام نبي شاھ ۾ جمعا ۽ سگا شاخ جي پڇڙي جي  آبادگارن ٽن مھينن کان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے