20 منگل , نومبر 2018

نگران حڪومت پاران نواز شريف کي طبيعت خراب ٿيڻ تي جيل کان اسپتال منتقل ڪرڻ جو فيصلو

The decision of transferring Nawaz Sharif to the hospital from Jail to the health of the caretaker governmentاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نگران حڪومت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي طبعيت خراب ٿيڻ تي اڊيالا جيل کان پمز اسپتال منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.اڊيالا جيل ۾ قيد اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف کاٻي هٿ ۽ سيني ۾ تڪليف سبب ڊاڪٽرن سندس چڪاس ڪئي جنهن بعد کيس فوري طور تي سي سي يو منتقل ڪرڻ جو مشورو ڏنو. جنهن بعد آءِ جي جيل   گهرو ايڊيشنل چيف سيڪريٽري سان رابطو ڪري صورتحال کان آگاهه ڪيو، نگران گهرو وزارت جي ذريعن موجب نگران حڪومت ايڊيشنل چيف سيڪريٽري جي رپورٽ بعد اڳوڻي وزيراعظم کي پمز اسپتال منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.پنجاب جي گهرو وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽرن جي رپورٽ موجب نواز شريف جي اي سي جي ٺيڪ ناهي آئي انڪري پمز اسپتال ۾ سندس علاج لاءِ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. ياد رهي ته احتساب عدالت 6 جولائي تي ايون فيلڊ ريفرنس جو فيصلو ٻڌائيندي اڳوڻي وزيراعظم کي مجموعي طور تي 11 سال قيد جي سزا جو حڪم ڏنو هو جنهن بعد 13 جولائي تي اڳوڻي وزيراعظم کي لنڊن کان وطن واپسي تي گرفتارري ڪري اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت احتجاج تي آمريڪي اختيارين جو پاڪستان سان رابطو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت رد عمل ۽ …