19 پیر , نومبر 2018

عمران خان نااهلي ڪيس: جسٽس شوڪت عزيز صديقي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بينچ کان ڌار ڪيو ويو

Imran Khan Nehli case: Justice Shivshat Aziz Siddiqui was separated from the High Court benchاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) آرٽيڪل 62 تحت عمران خان جي نااهلي واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بينچ جي جج کي تبديل ڪيو ويو ۽ جسٽس شوڪت عزيز صديقي کي بينچ کان ڌار ڪيو ويو. تفصيل موجب جسٽس اينڊ ڊيموڪريٽڪ پارٽي عمران خان جي نااهلي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيوويو هو ته عمران خان پنهنجي ڌيءَ ٽيريان بابت ڪوڙ ڳالهايو، جنهن ۾  عدالت کان استدعاڪئي وئي هئي ته ڪوڙ ڳالهائڻ تي عمران خان کي نااهل قرار ڏنو وڃي. ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ جسٽس شوڪت عزيز صديقي ۽ جسٽس عامر فاروق تي ٻڌل بينچ جوڙي وئي هئي ۽ بينچ عمران خان کان پهرين آگسٽ تائين جواب طلب ڪيو هو. پر هاڻ جسٽس شوڪت عزيز صديقي کي بينچ کان ڌار ڪيو ويو آهي ۽ جسٽس گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس عامر فاروق تي ٻڌل نئين بيچ جوڙي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پرويز مشرف کي قانون حوالي ڪرڻ تائين رليف نه ملندو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پرويز مشرف جو بيان قلمبند …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے