18 اتوار , نومبر 2018

غوثپور: بجاراڻي ۽ تيغاڻي برادري ۾ جهيڙو، فائرنگ،  2 ڄڻا قتل

Ghaspur: Two killed in firing, firing, 2 in Bajarani and Maidan communityغوثپور(ويب ڊيسڪ)غوثپورويجهو  بجاراڻي ۽ تيغاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار ٻيهر ڪر کنيو  فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا قتل ۽ 3 نوجوان زخمي ٿي پيا. ڳوٺ مھراڻ بجاراڻي ۾ تيغاڻي ۽ بجاراڻي برادرين  جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي جي نتيجي ۾ شاهنواز ۽ ميانداد بجاراڻي مارجي ويا . فائرنگ  جي نتيجي ۾  جليل بجاراڻي سميت ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا  جڏهن فائرنگ جو سلسلو جاري آهي.مارجي ويلن جا مڙهه ۽ زخمين کي ترت ئي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي کين  طبي امداد فراهم ڪئي وئي .بجاراڻي ۽ تيغاڻي برادرين ۾ تڪرار ڪيتري ئي عرصي کان جاري آهي ،  ٻن ماڻهن جي قتل ٿيڻ سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو آهي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے