21 بدھ , نومبر 2018

ٻن تڪن تان شڪست، فاروق ستار ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي

Farooq Sattar Voter's re-counting petition petition filed against two tonnesڪراچي(ويب ڊيسڪ) متحدا قومي موومنٽ(ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار چونڊ نتيجا رد ڪندي قومي اسمبلي جي ٻنهي سيٽن تي ٻيهر ڳڻپ جي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي. فاروق ستار کي قومي اسمبلي جي تڪ اين اي 245 تي تحريڪ انصاف جي اميدوار ڊاڪٽر عامر لياقت حسين ۽ 247 تان ڊاڪٽر عارف علوي شڪست ڏني هئي. فاورق ستار جو چوڻ آهي  ته اسانجي چيف پولنگ ايجنٽ ۽ پولنگ ايجنٽن کي فارم 45 فراهم ناهي ڪيوويو ۽ ڳڻپ جي وقت اسان جي پولنگ ايجنٽن کي پولنگ اسٽيشن کان ٻاهر پڻ ڪڍيو ويو. ياد رهي ته 245 ڪراچي ايسٽ 4 تان فاروق ستار جي مقابلي ۾ بيٺل پي ٽي آءِ اميدوار ڊاڪٽر عامر لياقت 56615 ووٽ حاصل ڪري ڪامياب ٿيو جڏهن ته فاروق ستارکي  35247 ووٽن سان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو. اين اي 247 ڪراچي ڏکڻ 2 ۾ فاروق ستار جي مقابلي ۾ پي ٽي آءِ جي ڊاڪٽر عارف علوي 91020 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي ته جڏهن ته فاروق ستار 24146 ووٽ کڻي سگهيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ايس ايل 4: ڇهن ئي ٽيمن جو اسڪواڊ مڪمل ٿي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين ايڊيشن لاءِ ڊرافٽ جو مرحلو پڄاڻيءَ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے