22 جمعرات , نومبر 2018

نيوز |سکر: احمد نگر پاڙي جي عورتن جو پاڻيءَ جي کوٽ خلاف احتجاج

سکرجي احمد نگر پاڙي جي  عورتن  پاڻيءَ  جي کوٽ خلاف احتجاج ڪيو

رهواسي عورتن شگفته ،   انيس خاتون ، نورجھان ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته علائقي ۾ پاڻي جي فراهمي بند آهي جنهن ڪري هو سخت پريشان آهن .

عورتن چيو ته ٻه  مھينا گذري ويا آھن پر علائقي ۾ پاڻي  نه آيو آهي چونڊن کان اڳ اميدوارن واعدو ڪيو ھيو ته پاڻي جو مسئلو حل ڪيو ويندو پر چونڊون گذري وڃڻ باوجود پاڻي جو مسئلو حل ناھي ٿي سگھيو.

ھنن چيو ته  هو ڏورانهن  علائقن کان پاڻي ڀري اچڻ تي مجبور آھن.

ھنن ميئر سکر ۽ چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته پاڻي جي فراھمي کي يقيني بڻايو وڃي…

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:شڪارپور: ٽرالر ڪلٽي، 2 زخمي، هزارين لٽر تيل ضايع

*شڪارپور ويجهو انڊس هاءِ وي تي ڪار کي بچائيندي ٽرالر ڪلٽي ٿي پيو جنهن سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے