22 جمعرات , نومبر 2018

نيوز: اسلام ڪوٽ:پي ايس 56 ۽ اين اي 222 تي ڀيل برادري جي آزاد اميدوارن چونڊ نتيجن کي رد ڪري ڇڏيو

Islamkot: Independent community candidates from PS-56 and NA-222 were rejected the resultsپي ايس 56 اسلام ڪوٽ ۽ اين اي 222 تي ڀيل برادري جي آزاد اميدوارن چونڊ نتيجن کي رد ڪري ڇڏيو،ٻيهر ڳڻپ جو مطالبو ڪيو آهي.

وڪيل لجپت سوراڻي ۽ وڪيل هيمراج ڀيل جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا،اسلام ڪوٽ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو.

ڌرڻي کي خطاب ڪندي وڪيل لجپت سوراڻي چيو ته پرزائيڊنگ آفيسرن اليڪشن ڪميشن جي قانون جا بکا اڊيڙي ڇڏيا.

هنن الزام مڙهيو تھ  پرزائيڊنگ آفيسرن اليڪشن ۾ وڏي پئماني تي ڌانڌليون ڪيون آهن،ووٽن جي ڳڻپ ۾ به اسان جي اڪثر ووٽن کي لڪايو ويو آهي.

هن چيو ته پ پ اميدوارن جي گهر جي پولنگ ۾ هنن کٽي آهي.

سندن چوڻ هو تھ  هنن جي  ايجنٽن کي پولنگ جي رزلٽ به نھ  ٻڌائي وئي  ۽ نه ئي سرٽيفڪيٽ ۽ نه وري 45 فارم ڏنو ويو.

وڪيل هيمراج ڀيل ڳالهائيندي چيو ته  هنن گهڻيون پولنگون کٽيون آهن پر کين  سازش تحت هارايو ويو آهي.

هن چيو هن  اين اي 222 تي پ پ اميدوار ڊاڪٽر مهيش ملاڻي کان 22 پولنگون وڏي اڪثريت سان کٽيون آهن ٻين تي ڌانڌلين ذريعي سندن   نتيجا تبديل ڪري هارايو ويو.

هنن چيو تھ ٻيهر ڳڻپ نه ٿيڻ جي صورت ۾ هو سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائڻ سميت اسلام ڪوٽ کي جام ڪرڻ جو اعلان ڪندا………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : ننگرپارڪر: 12 ربيع الاول عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

پوري دنيا جيان 12 ربيع اول جي مناسبت سان آقا جي آمد مرحبا جي گونج  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے