14 بدھ , نومبر 2018

ڪو شڪ ناهي ته هڪ پارٽي کي کٽرائڻ لاءِ چونڊون ڪرايون ويون: محمد زبير

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر محمد زبير چيو آهي ملڪ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪو شڪ ناهي ته هڪ خاص پارٽي کي کٽرائڻ لاءِ چونڊون ڪرايون ويون. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد زبير چيو ته مان پنهنجي حياتيءَ ۾ اهڙيون چونڊون ناهن ڏٺيون ته 4 ڏينهن ٿي ويا آهن پر اڃا تائين ڳڻپ پوري ناهي ٿي. هن الزام هڻندي چيو ته پشاور کان ڪراچي تائين ڪائونٽنگ کي مينيج نه ڪيو ويو، موبائل فون جي اجازت نه هئي پر ويڊيو ڪلپ سامهون آيا، اليڪشن ڪميشن کي اهي اهي ويڊيو ڪلپس ڏسڻ گهرجن ها. سندس چوڻ هو ته چونڊن تي سخت خدشا آهن، جن کي سامهون آڻڻ ضروري آهي، سمورين سياسي پارٽين کي سسٽم ٻڌايو ويو هو، جنهن تي سڀني پنهنجا خدشا ظاهر ڪيا. محمد زبير چيو ته هڪ پارٽي کي چونڊون کٽرايون ويون، اليڪشن ڪميشن شفاف چونڊون ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام رهيو. سندس چوڻ هو عمران خان چئي ٿو ته روشنين بحال ڪنداسين، اسان روشنيون بحال ڪيون، امن ان ڪري آهي، ڇو ته اسان رينجرز کي پارليامينٽ ذريعي اختيار ڏنا. هن چيو ته چونڊن کان اڳ جوڙ ٽوڙ ڪئي وئي، سينيٽ ۾ صادق سنجراڻي کي چيئرمين بڻايو ويو، ڇا ان تي فخر ڪيون؟ بلوچستان ۾ هڪ حڪومت هٽائي ٻي آندي وئي، ڏسڻ ۽ ٻڌڻ گهرجي ته ٻي دنيا جو اسان بابت ڇا خيال آهي. محمد زبير چيو ته عالمي رسالو ڏسي ڇڏيو، سڀني چونڊ عمل کي واضح ڪري ڇڏيو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے