20 ہفتہ , اکتوبر 2018

عمران خان افغان صدر طرفان دوري جي دعوت قبولي ورتي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) افغان صدر اشرف غني تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي چونڊ کٽڻ تي مبارڪ ڏيڻ سان گڏوگڏ ڪابل جي دوري جي دعوت پڻ ڏني، جيڪا امڪاني ايندڙ وزيراعظم قبول ڪري ورتي آهي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي نعيم الحق چيو ته عمران خان کي افغان صدر اشرف غني ٽيلي فون ڪري چونڊن ۾ ڪاميابي تي واڌايون ڏنيون. هن عمران خان کي چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ تاريخي لاڳاپا آهن ۽ ٻئي ملڪ ڀائپي ۽ دوستي جي پراڻي رشتي سان ڳنڍيل آهن. تحريڪ انصاف ترجمان موجب افغان صدر جو چوڻ هو ته عمران خان افغانستان ۾ به تمام گهڻو مقبول ۽ نوجوانن جو هيرو آهي، افغان نوجوانن ۾ عمران خان جي مقبوليت سبب ئي ڪرڪيٽ کي هٿي ملي. سندس چوڻ هو ته عمران خان کي افغان صدر دوري جي دعوت ڏني آهي، جيڪا عمران خان قبولي ورتي آهي. نعيم الحق جو چوڻ هو عمران خان افغان صدر جا ٿورا مڃيندي چيو ته پاڪستان، افغانستان ۾ مڪمل امن ۽ خوشحالي جو خواهشمند آهي، تحريڪ انصاف جي نظر ۾ پاڪ – افغان لاڳاپا خاص اهميت رکن ٿا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اميد آهي ته قطر جلد پاڪستانين کي روزگار ڏيڻ واري معاهدي تي عمل ڪندو: وزير اعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته اميد آهي ته قطر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے