16 جمعہ , نومبر 2018

پوليس اهلڪارن تي تشدد: تحريڪ انصاف جي نئين چونڊيل پي ايم اي گرفتاري ڏئي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار طرفان گرفتاري جي حڪم کانپوءِ پوليس اهلڪارن تي تشدد ڪندڙ تحريڪ انصاف جي نئين چونڊيل پنجاب اسيمبلي ميمبر نديم عباس بارا گرفتاري ڏئي ڇڏي. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ ڪيسن جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پي ٽي آءِ جي نديم عباس بارا جي اوطاق تي فائرنگ ۽ پوليس تي تشدد جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو. ان موقعي تي آءِ جي پنجاب سيد ڪليم امام ۽ ٻيا آفيسر عدالت جي روبرو پيش ٿيا ۽ ٻڌايو ته اهلڪارن تي تشدد ڪندڙ 50 ڄڻن خلاف دهشتگردي جي قلم تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. آءِ جي پنجاب عدالت کي ٻڌايو ته اهلڪارن تي تشدد جي الزام ۾ 21 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 28 جوابدار ڪيس ۾ نامزد آهن. چيف جسٽس معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس وٺندي تحريڪ انصاف جي نئين چونڊيل ايم پي اي نديم عباس بارا کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته نديم عباس بارا پوليس کي گرفتاري ڏيندي چيو آهي ته منهنجي اوطاق تي فائرنگ جو واقعو پيش نه آيو پر پوليس منهنجي اوطاق تي حملو ڪيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

al azizia reference: Nawaz Sharif's statement came to court to make a decision

العزيزيا ريفرنس: نواز شريف بيان قلمبند ڪرائڻ لاءِ عدالت پهچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف العزيزيا ريفرنس ۾ لڳاتار ٽئين ڏينهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے