19 پیر , نومبر 2018

نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر جي ضمانت واري درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر جي ضمانت واري درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ 31 جولاءِ تي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس گل حسن اورنگزيب تي ٻڌل ڊويزنل بئنچ ٻڌڻي ڪندو. نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي وڪيلن کي 31 جولاءِ جا نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، ان کانسواءِ نيب جي قانوني ٽيم به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. ٻڌڻي دوران نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر جي سزا معطلي ۽ ضمانت تي آزادي جي درخواست تي بحث ٿيندو. واضح رهي ته ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا ماڻيندڙ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر فيصلو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ 16 جولاءِ تي چئلينج ڪيو هو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزير اعظم 22هين گريڊ ۾ ترقي ماڻيندڙن جي نالن جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان گريڊ 22 ۾ ترقي ماڻيندڙ آفيسرن جي نالن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے