16 جمعہ , نومبر 2018

ايم ايم اي اڳواڻن سان ۾ ملاقات، پ پ طرفان اسيمبلي ۾ ويهڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ وفد ۽ متحدا مجلس عمل جي اڳواڻن وچ ۾ اهم ملاقات دوران پ پ اسيمبلي ۾ ويهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ ٿيل اهم ترين ملاقات ۾ ٻنهي پارٽين اليڪشن ڪميشن کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو. پ پ وفد ۽ ايم ايم اي اڳواڻن جي ملاقات ۾ چونڊ صورتحال بابت اهم ڳالهيون ٿيون، ملاقات کانپوءِ پ پ وفد جي اڳواڻي ڪندڙ يوسف رضا گيلاني چيو ته اسان اسيمبلي ۾ ويهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، مطالبو آهي ته اليڪشن ڪميشن استعيفيٰ ڏئي. ملاقات ۾ چونڊن ۾ شڪست جو معاملو پارليامينٽ فلور تائين اٿارڻ تي زور ڏنو ويو پر مولانا فضل الرحمان طرفان چيو ويو ته ان سلسلي ۾ حتمي فيصلو سڀاڻي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ڪنداسين. يوسف رضا گيلاني چيو ته پنهنجو آواز قومي اسيمبلي ۾ اٿارڻو پوندو. پ پ وفد ۾ خورشيد شاهه، راجا پرويز اشرف، راجا پرويز اشرف، شيري رحمان، نويد قمر ۽ قمر زمان ڪائرا به شامل هئا. هوڏانهن فضل الرحمان صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پ پ به چونڊن کي ڌانڌلي قرار ڏنو آهي، اسان چونڊن کي تسليم نٿا ڪيون، ڪوشش ڪنداسين ته جمهوري پارٽيون موجودا صورتحال ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن، اسان عوام جي حق لاءِ جنگ وڙهنداسين.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

حالتن موجب يوٽرن نه وٺندڙ ليڊر نه بيوقوف هوندو آهي: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جيڪو ليڊر حالتن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے