20 منگل , نومبر 2018

ق ليگ جو مرڪز ۽ پنجاب ۾ تحريڪ انصاف جي حمايت جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ق ليگ مرڪز ۽ پنجاب ۾ تحريڪ انصاف جي حمايت جو فيصلو ڪندي پنجاب ۾ ن ليگ جو ساٿ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب اهو فيصلو چوڌري شجاعت حسين جي سربراهي ۾ پارٽي جي مشاورتي اجلاس ۾ ٿيو. اجلاس دوران معاملي تي غور ڪيو ويو ۽ شرڪت ڪندڙن طرفان چيو ويو ته ق ليگ پي ٽي آءِ جي اتحادي آهي ۽ ان اتحاد کي وڌيڪ مضبوط ڪنداسين. ق ليگ جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مرڪز ۽ پنجاب ۾ تحريڪ انصاف جو ساٿ ڏنو ويندو. ذريعن موجب اجلاس ۾ ن ليگ بابت چيو ويو ته اها سدائين مفادن لاءِ رابطا ڪندي آهي. ن طرفان اياز صادق ق ليگ قيادت سان رابطو ڪيو هو. ذريعن موجب ن ليگ ق ليگ کي پنجاب ۾ مرضي جو عهدو ڏيڻ جي به آڇ ڪئي. پنجاب ۾ ن ليگ 127 سيٽن سان پهرين،جڏهن ته تحريڪ انصاف 123 سيٽن سان ٻئي نمبر تي آهي پر حڪومت ٺاهڻ لاءِ 29 آزاد اميدوارن جي اهميت وڌي وئي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

طاهر داوڙ قتل ڪيس جي جي آءِ ٽي جي سربراهه کي تبديل ڪيو ويو

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) ايس پي طاهر داوڙ قتل ڪيس جي جاچ لاءِ جوڙيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے