15 جمعرات , نومبر 2018

آرڪٽڪ کان جاپان تائين سخت گرمي واري لهر سبب ماهر پريشان

Expert Due to Stiff Heating Degree By Orkutٽوڪيو(ويب ڊيسڪ) ناروي کان جپان ۽ آرڪٽڪ کان لنڊن تائين بلند گرمي پد جا ڪيترائي ريڪارڊ قائم ٿيا آهن، اهڙي طرح ڪيترن ئي جهنگن ۾ باهه لڳڻ ڪري تمام وڏو نقصان ٿيو آهي جنهن کي ماهرن آب هوا ۾ تبديلي يا ڪلائميٽ چينج جي سخت شڪل قرار ڏنو آهي. رڳو يونان ۾ سخت گرمي ۽ جهنگ ۾ باهه لڳڻ سان 82 ڄڻا اجل جو شڪارٿيا آهن. جيتوڻيڪ يونان ۾ گرم موسم عام ڳالهه آهي پر اتر يورپ ۾ گرمي جي شدت سان موسميات جا ماهر ۽ ٻيا سائنسدان تمام گهڻو پريشان آهن. ان بنياد تي موسميات جي عالمي تنظيم(ڊبليو ايم او) چيو آهي ته آگسٽ جي شروعات ۾ آئرلينڊ کان اسڪنڊي نيويا تائين گرمي پد ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو ۽ بالٽڪ ملڪن ۾ پڻ گرمي جي غيرمعمولي صورتحال هوندي. سوئيڊن ۾ جيتري گرمي نوٽ ڪئي وئي آهي گذريل 250 ورهين ۾ ناهي ڏٺي وئي ۽ هتي رينڊيئر(برن) چاريندڙ ڳوٺاڻن خشڪي سبب مرندڙ جانورن سبب پريشاني جو اظهار ڪيو آهي ۽ ان سان گڏ ئي هتي گرمي سان جهنگن ۾ باهه لڳڻ جا وقعا پڻ ڏٺا ويا آهن. ٻئي پاسي جپان ۾ گرمي واري لهر ڪيترن ئي ماڻهن جون حياتون ڳڙڪائي چڪي آهي ۽ اها هيٽ ويو لاڳيتو ڪيترن ڏينهن تائين جاري رهندي جڏهن ڪيلفورنيا ۾ چائنو جي مقام تي گرمي پد 48 ڏهائي 9 سينٽي گريڊ تائين وڃي پهتو آهي. جرمني ۾ پوسٽڊام انسٽيٽيوٽ فار ڪلائميٽ چينج جي پروفيسر اينڊرز ليورمان چيو آهي ته عام طور تي اسان سياري جي ڪنهن نه ڪنهن حصي تي گرمي جي لهر ڏسندا آهيون پر هاڻ پوري اڌ اُتر تي ان جو اثر ڏٺو ويو آهي ۽ اهو خطو تمام گهڻو گرم هو. ٻئي پاسي جڏهن ماهرن سان پڇا ڪئي وئي ته ڇا هي تازي صورتحال ڪلائميٽ چينج جي ڪا شڪل آهي؟ ان تي ماهرن مليل جليل ردعمل ڏنو. مٽال طور فرانس جي ماهر جين هوزل چيو آهي ته هر واقعي کي آب هوا ۾ تبديلي قرار ڏيڻ تمام گهڻو مشڪل آهي. موسميات جي عالمي تنظيم جي نائب سيڪريٽري جنرل ايلينا ماننڪووا چيو آهي ته اسان چئي سگهون ٿا ته ويجهڙائي ۾ ٿيل موسميات جا سخت واقعا گرين هائوس گيسن جي خارج ٿيڻ سان ٿيندڙ موسمياتي تبديلين کي ظاهر ڪن ٿا. ڊسمبر ۾ آمريڪي موسميات جي شائع ٿيندڙ هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو هو ته 2016 ۾ ايشيا سميت سڄي دنيا ۾ گرمي جي لهر گلوبل وارمنگ جو شاخسانه آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته انساني تاريخ ۾ گذريل ٽه ورهين کي گرم ترين سال قرار ڏنو ويو آهي. جيڪڏهن هوا ۾ ڪارين ڊائي آڪسائيڊ جمع ٿيڻ جي شرح اهڙي طرح برقرار رهي ته اهو سلسلو وڌيڪ خوفناڪ صورتحال اختيار ڪري وٺندو. اهڙي طرح ماهرن يورپ ۾ گرمي جي تازي لهر کي پڻ موسميات تبديليون قرار ڏنو آهي. واضح رهي ته ان کان اڳ ڪلائميٽ چينج تي عالمي حڪومتي پينل( آءِ پي سي سي) 2012 جي رپورٽ ۾ چيو هو ته ايندڙ ڏهاڪن ۾ سخت موسمياتي واقعا سڄي دنيا ۾ ٿي سگهن ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رت ۾ آڪسيجن جو مقدار ماپڻ وارو لچڪدار آڪسي ميٽر تيار

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ)اسپتالن ۾ آڪسي ميٽر ته جامد هوندا آهن جنهن کي آڱر تي پارائي جسم …