17 ہفتہ , نومبر 2018

سُريلي آواز سان ڪروڙين دلين تي راڄ ڪندڙ راڳي سونو نگم پنهنجي  45 هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي

Rajgao Sun Nagum, ruled by millions of songs with his voice, is celebrating his 44th anniversary.ممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ جي ڪيترن ئي بلاڪ بسٽر فلمن ۾ پنهنجي آواز جو جادو جاڳائيندڙ سريلو آواز جو مالڪ سونو نگم اڄ پنهنجي 45هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي. 30 جولائي 1973 تي ڀارتي رياست هريانا جي شهر فريد آباد ۾ پيدا ٿيندڙ سونو نگم چئن سالن جي عمر ۾ عظيم راڳي محمد رفيع جا گيت ڳائيندي پنهنجي والد جي رهنمائي ۾ راڳ جي ميدان ۾ قدم رکيو جڏهن ته باليووڊ ۾ جي فلمن ۾ پلي بيڪ سنگر طور ڳائڻ جي شروعات اڻويهه ورهين جي عمر کان ڪئي. سونو نگم باقاعدا طور تي 1990 ۾ هدايتڪار مهيش ڀٽ جي فلم جنم لاءِ پهريون ڀيرو پلي بيڪ راڳي طور گيت ريڪارڊ ڪرايو ۽ هن وقت تائين ڪيترن ئي باليووڊ فلمن ۾ سرفهرست ۽ سپر اسٽار اداڪارن لاءِ پلي بيڪ راڳي طور گيت ريڪارڊ ڪرائي چڪو آهي. هر گهڙي بدل رهي هي روپ زندگي، ابهي مجهه ۾ ڪهين باقي ٿوڙي سي هي زندگي، سميت ڪيترائي يادگار ڳيت ڳائيندڙ سونو نگم هندي سان گڏوگڏ مختلف علائقائي ۽ غيرملڪي ٻولين جهڙوڪ تامل، مراٺي، پنجابي، بنگالي، مليالم، تلگو، نيپالي ۾ پڻ گيت ڳائي چڪو آهي. ٻن ڏهاڪن تي ٻڌل سندس ڪيريئر اڃان تائين ڪاميابين سان جاري ۽ ساري آهي. فلمن لاءِ پنهنجي آواز جو جادو جاڳائڻ سان گڏوگڏ سونو نگم ميوزيشن، ميوزڪ ڪمپوزر، اداڪار، ميوزيڪ ڊائريڪٽر ۽ ٽي وي ميزبان جون زميواريون پڻ ادا ڪري چڪو آهي ۽ انهن سمورن شعبن ۾ پڻ مداحن کان داد وصول ڪري چڪو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سلمان خان جي فلم ”ٽيوب لائٽ“ جي ڪوريوگرافر انساني اسمگلنگ جي الزام هيٺ گرفتار

ممبئي (شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي دبنگ اداڪار سلمان خان جي فلم” ٽيوب لائٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے