21 بدھ , نومبر 2018

ايشيا ڪپ 2018: قومي ڪرڪيٽرن جي فٽنس ٽيسٽ وٺڻ جو فيصلو

Asia Cup 2018: decision of taking national cricketers' fitness testلاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ايشيا ڪپ 2018 ۾ شرڪت لاءِ رانديگرن جي فٽنس ٽيسٽ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن فٽنس ٽيسٽ وٺڻ ۽ ٽيم لاءِ 10 روزا تربيتي ڪيمپ لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ذريعن موجب قومي ٽيم جي فٽنس ٽيسٽ 29 آگسٽ تي نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاهور ۾ ورتي ويندي جڏهن ته 10 ڏينهن جي ٽريننگ ڪيمپ 30 آگسٽ کان شروع ٿيندي جنهن ۾ مختلف ٽورنامنٽ لاءِ چونڊيل امڪاني رانديگرن  حصو وٺندا. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ايشيا ڪپ 2018 کان اڳ قومي ڪرڪيٽرن جي فٽنس ٽيسٽ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر موڪلون ملهائڻ لاءِ آسٽريليا ۾ موجود آهي جڏهن سمورن رانديگرن کي انفرادي طور تي ٽريننگ جاري رکڻ وارو پروگرام ڏنو ويو آهي. ياد رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ايندڙ امتحان ايشيا ڪپ 2018 آهي جيڪو سپٽمبر ۾ گڏيل عرب امارتن ۾ رٿيل آهي، واضح رهي ته ايشيا ڪپ جي اعلان ڪيل شيڊول موجب پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ مقابلو  19 سپٽمبر تي ٿيندو  ان کان اڳ گرين شرٽس کي ڪوليفائر ٽيم  خلاف 16 سپٽمبر تي ميدان تي لهندي، ايونٽ ۾ پاڪستان، ڀارت، سريلنڪا، بنگلاديش ۽ افغانستان جي حصو وٺڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي، ٻين پوزيشنن لاءِ يو اي اي، سنگاپور، اومان، ملائيشيا ۽ هانگ ڪانگ جي وچ ۾ ڪواليفائنگ رائونڊ کيڏيا ويندا. گروپ ۾ پاڪستان ڀارت ۽ ڪوليفائر ٽيم شامل هوندي، گروپ بي ۾ پاڪستان، بنگلاديش ۽ افغانستان تي ٻڌل هوندو. 15سپٽمبر تي دبئي ۾ ايونٽ جي پهرين ميچ ۾ بنگال ٽائيگر ۽ آئي لينڊرز جي وچ ۾ کيڏي ويندي. هر گروپ مان 2 ٽيمون سپر فور لاءِ ڪوليفائي ڪنديون . 28 سپٽمبر تي ايونٽ جي ٻن ٽاپ ٽيمن وچ ۾ فائنل کيڏيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قومي  هاڪي ٽيم عالمي ڪپ ۾ شرڪت لاءِ 25 نومبر تي ڀارت روانو ٿيندي

لاهور (ويب ڊيسڪ ) قومي هاڪي ٽيم عالمي ڪپ ۾ شرڪت لاءِ 25 نومبر تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے