17 ہفتہ , نومبر 2018

زمبابوي ۾ صدر ۽ پارليامنٽ جي ميمبرن جي چونڊ لاءِ ووٽنگ جو عمل جاري

The voting process for the selection of members of the President and Parliamentarians in Zimbabwe continuedهراري(ويب ڊيسڪ) زمبابوي ۾ عام چونڊ لاءِ ووٽنگ جو عمل جاري آهي جنهن دوران صدر ۽ پارليامنٽ جي ميمبرن جي چونڊ ڪئي ويندي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب زمبابوي ۾ پهريون ڀيرو 4 ڏهاڪن تائين لاڳيتو اقتدار تي رهندڙ اڳوڻي صدر رابرٽ موگابي کان سواءِ صدارتي چونڊون ٿي رهيون آهن، کيس گذريل سال بغاوت بعد عهدي تان هٽايو ويو هو. زمبابوي جي تاريخ ۾ رابرٽ موگابي کانسواءِ ٿيندڙ  پهرين چونڊن ۾ ووٽ پاڪستاني وقت موجب رات ڏهين وڳي تائين جاري رهندي جنهن دوران عوام پنهنجي ووٽ جي حق جو استعمال ڪندو. مقامي وقت موجب ووٽنگ وارو عمل صبح 7 وڳي شروع ٿيو جيڪو شام 7 وڳي تائين بنا وقفي جي جاري رهندو. اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ حڪمران پارٽي زانوپي ايف پارٽي ۽ مخالف پارٽي جي اتحاد موومنٽ فار ڊيموڪريٽڪ چينج جي وچ ۾ مقابلي جي توقع ڪئي پئي وڃي.زمبابوي جي آزادي بعد 1980 ۾ اقتدار ۾ ايندڙ صدر رابرٽ موگابي گذريل ڏينهن اعلان ڪيو هو ته هو پنهنجي جانشين ايمرسن منگاوا کي ووٽ نه ڏيندو، جيڪو صدارتي چونڊن جي ڊوڙ ۾ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

18-year boy abducted, killed in Pulwama

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج سرچ آپريشن دوران نوجوان کي اغوا کانپوءِ قتل ڪري ڇڏيو

سرينگر (ويب ڊيسڪ ) والاريل ڪشمير ۾ 18 ورهين جي نوجوان کي سادا ڪپڙا پهريل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے