19 پیر , نومبر 2018

سنڌ ۾ ٽيڪس ڏيڻ ۾ ڪرپشن جي معاملي تي ايف آءِ اي پاران 12 کاتن خلاف ڪارروائي شروع

FIA launches against 12 kits against corruption in tax in Sindhڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ ۾ ٽيڪس ڏيڻ ۾ ڪرپشن ۽ جعلسازي جي معاملي تي ايف آءِ اي سنڌ وزيراعليٰ هائوس سميت 12 کاتن خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.ايف آءِ اي موجب جاچ پيپلز پارٽي جي دورِ حڪومت ۾ ٽيڪس نه ڏيڻ تي شروع ڪئي وئي آهي.ذريعن موجب سنڌ جي 12 کاتن سالن تائين جي ايس ٽي ۽ وٿ هولڊنگ ٽيڪس ادا ناهي ڪئي. ذريعن ايف آءِ اي موجب  12 سرڪاري کاتن جي ٽيڪس ادا ڪرڻ بابت رڪارڊ ايف بي آر کان گهري ورتو آهي.ذريعن موجب جي ايس ٽي ۽ وٿ هولڊنگ ٽيڪس جي مد ۾ اربين رپيا سرڪاري خزاني کي نقصان پهچايو ويو. ايف آءِ اي موجب سنڌ اسيمبلي، ناڻو کاتو، ايس جي اي اينڊ سي ڊي، اسڪول ايجوڪيشن سميت ٻين کاتن ٽيڪس ڏنو ئي ناهي.اختيارين موجب ڪاليج ايجوڪيشن، ايم ڊي اي بلديات، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، بورڊ آف روينيو، انفارميشن ٽيڪنالوجي، سنڌ ڪول اٿارٽي سميت ٻين کاتن ٽيڪس ادا ناهي ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم 15 هزار جعلي اڪائونٽ ۽ اربين رپين جي ڪرپشن پڪتي آهي: فياض الحسن

لاهور ( ويب ڊيسڪ )  پنجاب جي اطلاعات  واري وزير فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے