15 جمعرات , نومبر 2018

وديا بالن جي گهر ننڍڙي مهمان جي اچڻ جا امڪان

Predictions of the arrival of the little guests in the vidya Balan houseممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ جي ور اسٽائيل اداڪارا وديا بالن جي گهر ننڍڙي مهمان جي جلد آمد جا امڪان آهن. ڀارتي فلم پروڊيوسر سڌارت راءِ سان 2012 ۾ شاديءَ ڪئي هئي. شادي بعد ڪيترائي ڀيرا ميڊيا جي طرفان کائنس ماءُ بڻجڻ بابت سوال ڪيا ويا، جنهن تي اداڪارا ڪافي ڀيرا ته ان موضوع تي ڳالهائڻ ئي پسند نه ڪيو ۽ صاف انڪار ڪري ڇڏيو. پر سوشل ميڊيا تي هڪ ويڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن  ۾ اداڪارا پنهنجي مڙس سان گڏ هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪري واپس وڃي رهي هئي، جنهن ۾ اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هوءَ اميد سان آهي جڏهن ته ڪافي عرصي کان ڀارتي ميڊيا ۾ اداڪارا بابت اهڙي قسم جون خبرون ميڊيا جي زينت بڻيل آهن.  ان کان اڳ ڪيترائي ڀيرا اداڪارا انٽرويون دوران اهو چئي چڪي آهي ته هوءَ اڃان ٻار سنڀالڻ جي پوزيشن ۾ ناهي، ياد رهي ته اداڪارا تيلگو انڊسٽري ۾ ڊبيو ڪرڻ وڃي رهي آهي، جتي هو فلمساز ۽ سياستدان اين ٽي آر(نندا موري تراڪا راما رائو) جي حياتي تي ٺهندڙ فلم ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

دپيڪا ۽ رنوير جي شادي جاري: سڀاڻي ٻئي سنڌي روايتن موجب تقريب ۾ نظر ايندا

روم(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي دلڪش جوڙي دپيڪا پڊوڪون ۽ رنوير سنگهه شادي جي ٻنڌڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے