15 جمعرات , نومبر 2018

عهد تميمي جي فلسطيني صدر سان ملاقات، ياسر عرفات جي مزار تي حاضري

Yasser Arafat meets with President of Palestineرملا(ويب ڊيسڪ) اسرائيلي فوجي کي چماٽ هڻڻ جي ڏوهه ۾ سزا ڪاٽيندڙ بهادر فلسطيني ڇوڪري عهد تميمي آزادي لاءِ جدوجهد جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب اسرائيلي فوجي کي چماٽ هڻندڙ 17 ورهين جي بهادر فلسطيني ڇوڪري عهد تميمي جيل مان آزاد ٿيڻ بعد پنهنجي خاندان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسرائيلي قبضي جي خاتمي تائين جهدوجهد جاري رهندي. اسرائيلي جيلن ۾ قيد عورتن جو عزم ۽ حوصلا بلند آهن جنهن جو هڪ مثال مان پاڻ آهيان. ان کان پوءِ عهد تميمي والدين سان گڏ فلسطيني صدر محمود عباس سان ملاقات ڪئي. فلسطيني صدر عهد تميمي کي جيل مان آزاد ٿيڻ تي مبارڪ ڏيندي تميمي جي خاندان جي جدوجهد جي  جي تعريف ڪئي ۽ عهد تميمي کي نوجوانن لاءِ فلسطين جي آزادي جي تحريڪ جو روشني جو ڪرڻو قرار ڏنو. ان کان اڳ عهد تميمي حريت اڳواڻ ياسر عرفات جي مزار تي پڻ حاضري ڏني ۽ سندس مزار تي گلن جي ورکا ڪئي. ياد رهي ته 17 ورهين جي عهد تميمي کي اسرائيلي عدالت 12 الزامن جي بنياد تي 8 ميهنا قيد جي سزا ٻڌائي هئي جنهن ۾ اسرائيلي فوجي کي چماٽ هڻڻ پڻ شامل آهي. چماٽ هڻڻ جي ويڊيو وائرل ٿيڻ بعد عهد تميمي فلسطين جي آزاديءَ واري تحريڪ جو استعارو بڻجي چڪي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

غزه جي صورتحال تي سلامتي ڪونسل جو اجلاس بغير نتيجي جي ختم

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) اسرائيل جي بمباري ۽ غزه جي صورتحال تي غور لاءِ سلامتي ڪونسل جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے