19 پیر , نومبر 2018

باڪسنگ جي بادشاهه جو لاڏاڻو

اسڪرپٽ ۽ آواز : عارف نائچ
جڏهن اوهان گوگل تي لفظ باڪسنگ جي ڳولا ڪندا ته باڪسنگ لفظ سان گڏ جيڪو ٻيو لفظ جڙيل هوندو اهو آهي. محمد علي. باڪسنگ جي بادشاهه محمد عليءَ باڪسنگ جي راند کي نئين سڃاڻپ ۽ نئون انداز ڏنو.

هن صديءَ جو هي عظيم انسان 17 جنوري 1942 ع ۾ امريڪي رياست ڪينٽڪي جي شهر لوئول ۾ هڪ عيسائي جي گھر ۾ اک کولي. هو پهرين ڀيرو 1964 ۾ باڪسنگ چئمپئين بڻيو . ان کان پوءِ 1974 ۽ 1978 ۾ به چيمپئين بڻجڻ جو اعزار ماڻيو. 3 ڀيرا عالمي چئمپئين بڻجندڙ محمد علي پهريان ڪيسيئس جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. جڏهن هن 25 جنوري 1964 ۾ ٿيندڙ اهم مقابلي جي اڳيئن ڏينهن هن اسلام قبول ڪيو. جنهن کان پوءِ هن پنهنجو نالو تبديل ڪري محمد علي رکيو .

هو هڪ اتفاقي واقعي سبب باڪسر بڻجي ويو. جڏهن هو 12 سالن جو هو ته سندس سائيڪل چورائجي وئي، هن پوليس کي چيو ته جڏهن به مون کي چور مليو ته مان ان کي ٺونشا هڻندس،جنهن تي پوليس واري کيس صلاح ڏني ته چور کي مارڻ مان ڪو فائدو ناهي، تون پنهنجي سگهه بهتر طريقي سان استعمال ڪرڻ لاءِ باڪسنگ سک. جنهن بعد هن باڪسنگ سکڻ شروع ڪئي.

هو 1964۾ سوني لسٽن کي شڪست ڏيئي، پهريو ڀيرو عالمي چيمپئين بڻيو ۽ پوءِ ٽي ڀيرا، اهو اعزاز ماڻيندڙ پهريون باڪسر هو .

هو هميشه چوندو هو ته “مان عظيم آهيان ۽ منهنجو ڪير به مقابلو نه ٿو ڪري سگهي.”

پهريون ڀيرو چيمپئين ٿيڻ کان پوءِ هن خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيو هو ته “مون دنيا فتح ڪري ڇڏي آهي”.

جنهن دؤر ۾ هن اسلام قبول ڪيو هو، تنهن دؤر ۾ امريڪا ۾ نسلي مت ڀيد خلاف وڏي جدوجهد هلندڙ هئي، هو نسلي تعصب جو شڪار ته اڳ ئي هو، ويتر جڏهن هن اسلام قبول ڪيو ته سندس سڄڻ به دشمن بڻجي پيا. هو ان کانپوءِ هو رنگ کان ٻاهر انساني حقن جو چيمپئين بڻجي ويو. مار ٽن لوٿر ڪنگ کانپوءِ محمد علي امريڪا ۾ نسلي تعصب جو شڪار بڻيل ڪارن جو آواز بڻجي اڀريو. شيخ اياز اهڙن ئي عظيم انسان لاءِ چيو آهي.

ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا
گهايل ڌرتيءَ جي سيني جي
اهڙي گهري چيخ ٿين ٿا،
جا هر ڪنهن کي جاڳائي ٿي،
جا دنيا کي بدلائي ٿي.

رنگ ۾ مخالفن کي نچائيندڙ محمد علي 61 مقابلن مان 56 مقابلا کٽيا ۽ آخرڪار 1981 ع ۾ رٽائر منٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو. محمد علي گذريل ٻن ڏينهن کان ساھه جي تڪليف سبب امريڪي رياست ايري زونا جي شهر فينڪس جي هڪ اسپتال ۾ علاج هيٺ هيو ۽ آخرڪار هو 04 جون 2016 تي 74 ورهين جي ڄمار ۾ پنهنجي ڪروڙين مداحن کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو . سندس آخري رسمون اباڻي شهر لوئول ۾ ادا ڪيون وينديون.سندس ڌيءُ ليلي علي به باڪسر آهي. هن پنهنجي عظيم پيءُ کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته “ تون عاجزيءَ جو پهاڙ هئين. تون منهنجي زندگيءَ جو پيار آهين.”

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: سڳيون: ٻيڙي اونڌي ٿيڻ ڪري ٻارن سوڌو 4 ڄڻا ٻڌي فوت

سڳيون جي ڪچي ۾ جي جهوريندڙ واقعو ڍنڍ مينهون ملاح جي پتڻ تي ٻيڙي اونڌي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے