14 بدھ , نومبر 2018

اسلام آباد: اياز صادق جي رهائشگاهه تي سياسي اڳواڻن جو اجلاس

Islamabad: Political leaders meeting on Ayaz Sadiq's residenceاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اسمبلي جي اسپيڪر  اياز صادق جي رهائشگاهه تي سياسي اڳواڻن جو اجلاس جاري آهي. شهباز شريف، خواجا سعد رفيق، خواجا آصف سان گڏ اسلام آباد پهتو جتي هو پنجاب ۾ حڪومت سازي ۽ وفاق ۾ اپوزيشن جي حوالي سان اهم سياسي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪري رهيو آهي. اسلام آباد اسپيڪر اياز صافق جي گهر سياسي اڳواڻ گڏ ٿيا آهن جن ۾ (ن) ليگ، پيپلز پارٽي، ايم ايم اي ۽ اي اين پي جا اڳواڻ شامل آهن. اجلاس ۾ شهباز شريف، اياز صافق، خواجا آصف، خواجا سعد رفيق، مشاهد حسين سيد، عبدالقادر بلوچ، شاهد خاقان عباسي ۽ ٻيا ن ليگي اڳواڻ پڻ موجود آهن. پيپلز پارٽي جي وفد جي قيادت خورشيد شاهه ڪري رهيو آهي جن ۾ شيري رحمان ۽ نويد قمر شامل آهن جڏهن ته غلام بلور، ميان افتخار، مولانا فضل الرحمان ۽ مولانا انس نوراني پڻ شريڪ آهن. ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب شهباز شريف اسلام آباد اچڻ کان اڳ نواز شريف سان ملاقات ۽ سندس صحت دريافت ڪئي لاءِ اختيارين کان دروخواست ڪئي هئي پر اڃان تائين ملاقات جي اجازت ناهي ڏني وئي. ذريعن ٻڌايو ته شهباز شريف پارٽي اڳواڻن سان پڻ ملاقات ڪندو جنهن ۾ قومي اسمبلي ۾ حلف نه کڻڻ ۽ گڏيل اجلاس جي حڪمت عملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے