15 جمعرات , نومبر 2018

ايم ڪيو ايم جو چوري جي مينڊيٽ واري پارٽي سان گڏ ويهڻ سواليا نشان هوندو: محمد زبير

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اڳوڻي گورنر ۽ ن ليگ اڳواڻ محمد زبير چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جو چوري جي مينڊيٽ واري پارٽي سان گڏ ويهڻ سواليا نشان هوندو. بهادرآباد ۾ قائم ايم ڪيو ايم پاڪستان جي عارضي مرڪز تي ايم ڪيو ايم اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد زبير چيو ته جنهن طريقي سان هاڻوڪيون چونڊون ٿيون آهن، اها صورتحال سڀني جي سامهون آهي ۽ اسان سڀني پارٽين سان رابطي ۾ آهيون. سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم اڳواڻن سان پاڪستان ۽ سنڌ جي شهري علائقن جي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ان سان گڏوگڏ ڪراچي جي مسئلن ۽ چونڊ نتيجن جي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم اڳواڻ فيصل سبزواري چيو هاڻ به چئون ٿا ته اليڪشن ڪميشن ڌانڌلي ۾ ملوث آهي، اسان چونڊن کان هڪ ڏينهن اڳ چيف اليڪشن ڪمشنر جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو هو. سندس چوڻ هو ته فاروق ستار اي پي سي ۾ وڃي ايم ڪيو ايم جو موقف پيش ڪيو، جن کي پنهنجي پارٽي جا ماڻهو ئي ووٽ نه ڏين انهن کي کٽرايو ويو، آر ٽي ايس نه هلڻ اليڪشن ڪميشن جي ناڪامي آهي، فارم 45 ڏيڻ به اليڪشن ڪميشن جي ذميواري هئي، 21 ارب رپيا ڪٿي خرچ ٿيا، ان جي به آڊٽ ڪئي وڃي. فيصل سبزواري چيو اليڪشن ڪمشنر اچي چئي ته منهنجو آر اوز، ڊي آر اوز ۽ ٻين پولنگ آفيسرن اڳيان وس نه هليو، جيڪڏهن ائين ناهي ته کيس اسان جي خدشن جو جواب ڏيڻو پوندو. محمد زبير ڳالهائيندي چيو ته فارم 45 هڪ هفتي کانپوءِ ويب سائيٽ تي لوڊ ڪيو ويو، 25 جولاءِ تي فارم 45 ڏيڻ گهرجي ها، هاڻ ان جي ڪهڙي ضرورت آهي؟. سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ آپريشن ايم ڪيو ايم خلاف نه پر دهشتگردن ۽ ڀتي خورن خلاف هو، ايم ڪيو ايم گهڻي حد تائين سهڪار ڪيو، اسان ڪڏهن نه چيو ته اهو آپريشن متحدا خلاف آهي ۽ اڄ به ان جو اقرار ڪيون ٿا. فيصل سبزواري چيو ته ايم ڪيو ايم آپريشن جي حمايت ڪئي هئي، اسان جا خدشا به آهن، جيڪي محمد زبير اڳيان رکيا آهن. سنڌ جي اڳوڻي گورنر چيو اسان جي ڪوشش هوندي ته ايم ڪيو ايم 5 سال اسان سان گڏ ويهي پر متحدا پنهنجي ترجيحن کي ڏسي فيصلو ڪندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

طاهر داوڙ جي قتل ۾ جوابده آهيون، ملوث عنصرن کي عبرت جو نشان بڻائينداسين: شهريار آفريدي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ممڪلتي گهرو وزير شهريار  آفريدي چيو آهي ته  پشاور …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے