20 منگل , نومبر 2018

نيوز: قمبر: ليڊي هيلٿ ورڪر جي وارثن  کي انصاف نه ملڻ خلاف احتجاج

Qambar: The protest against the heritage of the Lady Health Worker not to be justiceقمبر ۾ يوٿ فورم پاران ليڊي هيلٿ ورڪر جي وارثن  کي انصاف نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پريس ڪلب آڏو اياز ٻرڙي، اخلاق شاهد ۽ نديم ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ٻين اليڪشن ڊيوٽي سبب فوت ٿيل ليڊي هيلٿ ورڪر شاهده شيخ سان انصاف نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو.

عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته سخت بيمار هجڻ باوجود ليڊي هيلٿ ورڪر جي ڊيوٽي لڳائي وئي، جنهن دوران هوءَ بيهوش ٿي وئي، پر اسپتال پهچڻ تائين فوت ٿي وئي.

هنن چيو ته بيمار ليڊي هيلٿ ورڪر جي ڊيوٽي نه لڳرائڻ لاءِ هو جج سان به مليا، پر جج سندن هڪ به نه ٻڌي.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ليڊي هيلٿ ورڪر  جي وارثن سان انصاف ڪن، نه ته هو احتجاجي دائرو وڌائيندا……….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : قاضي احمد: وياجين جو آزار چوٽ چڙھي ويو، انتظاميھ خاموش

*قاضي احمد شھر  ۾  وياجين جو آزار چوٽ چڙھي ويو، ڪيترائي سفيد پوش گھراڻن جا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے