22 جمعرات , نومبر 2018

رپورٽ: لاکاروڊ : سنڌ جون عورتون مرضي موجب ووٽ ڏيڻ کان محروم، دٻاءُ جو شڪار

Lakha road: Sindh women are not entitled to vote for exile, pressure huntingسنڌ جون عورتون ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار هجڻ سان گڏ چونڊن دوران پنهنجو ووٽ به مرضي موجب نٿيون ڏئي سگهن.

لاکاروڊ ۾عوامي آواز ٽي وي پاران ڪيل سروي ۾مختلف برادرين جي عورتن جون چوڻ هو ته هو مردن جي دٻاءُ سبب سندن مرضي تي ووٽ ڏين ٿيون.

عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي عورتن جو چوڻ هو سنڌ ۾اڪثر ماڻهو وڏيرن جا هاري آهن جيڪي ووٽن نه ملڻ تي کين زمين مان بيدخل ڪري ڇڏين ٿا…ايس او ٽي….

عورتن جو چوڻ آهي ته مرداڻي سماج ۾عورتن جي مرضي نٿي هلڻ ڏني وڃي ۽ مردن جي مرضي موجب ووٽ ڏيڻ لاءِ مٿن دٻاءُ وڌو وڃي ٿو.

ووٽ ڏيڻ لاءِ عورتن تي دٻاءُ سبب سنڌ جي اڌ آبادي پنهنجي مرضي موجب ووٽ ڏيڻ کان به قاصر آهي، عورتن جو چوڻ آهي ته ان معاملي جو نوٽيس وٺي کين مرضي موجب ووٽ ڏيڻ جو حق ڏياريو وڃي.

محمد صالح ڏاهري عوامي آواز ٽي وي لاکاروڊ….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:سيتا روڊ: جشن عيد ميلاد النبي ملهايو ويو

*سيتاروڊ جي ميمڻ محلا اسڪول ۾ جشن آمد رسول جي خوشي جي سلسلي ۾ روحاني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے