17 ہفتہ , نومبر 2018

ق ليگ جي وفاق ۽ پنجاب ۾ تحريڪ انصاف کي حمايت جي خاطري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ق ليگ وفد عمران خان سان ملاقات ڪري وفاق ۽ پنجاب ۾ تحريڪ انصاف جي حمايت جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب ۾ حڪومت سازي لاءِ تحريڪ انصاف جا مختلف پارٽين سان رابطا جاري آهن، ان سلسلي ۾ ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين بني گالا ۾ تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پرويز الاهي به موجود هو. ملاقات ۾ تحريڪ انصاف طرفان جهانگير ترين ۽ فواد چوڌري سميت ٻيا اڳواڻ به شريڪ ٿيا، جتي چوڌري ڀائرن مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ چونڊن ۾ ڪاميابي تي عمران خان کي واڌايون ڏنيون. ملاقات بعد ق ليگ وفد بني گالا کان روانو ٿي ويو. ذريعن موجب ملاقات هاڪاري رهي، جنهن ۾ ق ليگ ان ڳالهه جي خاطري ڪرائي ته وفاق ۽ پنجاب ۾ تحريڪ انصاف جي حمايت ڪئي ويندي. هوڏانهن تحريڪ انصاف ترجمان فواد چوڌري صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته وفاق ۽ پنجاب ۾ حڪومت لاءِ نمبر پورا ڪري ڇڏيا آهن، ق ليگ سان هڪ فارمولو طئي ڪيو ويو آهي، تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي لاءِ اڪثريت حاصل ڪري ورتي آهي، وفاق ۽ پنجاب ۾ ق ليگ تحريڪ انصاف جي اتحادي هوندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے