14 بدھ , نومبر 2018

نيوز: وارهه: آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف 12هين ڏينهن به احتجاج

Warah: protesters protest against water shortage for 12 daysوارهه ۾ هارين ۽ آبادگارن پاران مختلف شاخن ۾ پاڻي کوٽ خلاف 12هين ڏينهن به احتجاج ڪري ريلي ڪڍي وئي.

نياز حيدري، سرتاج چانڊئي ۽ راجا کهاوڙ سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ هارين ۽ آبادگارن پاڻي جي سخت کوٽ خلاف احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي.

ميـڊيا سان ڳالهائيندي هارين چيو ته پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي، جنهن سبب زمين بنجر ٿي ويون آهن.

هنن چيو ته پاڻي نه هجڻ سبب وڏي معاشي نقصان جو خدشو آهي، ۽ چوپايو مال به اڃ وگهي به مري رهيو آهي.

سندن چوڻ هو ته معاشي نقصان سبب پڇڙي جا آبادگار ۽ هاري لڏپلاڻ ڪري پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏڻ تي مجبور بڻجي ويا آهن.

هارين ۽ آبادگارن لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته  پاڻي کوٽ ختم ڪري کين معاشي نقصان کان بچائين، نه ته هو احتجاجي تحريڪ هلائيندا………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : حيدرآباد: الائينس ڪلب انٽرنيشنل ڊيسڪ پاران شگر جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ريلي

*حيدرآباد ۾  الائينس ڪلب انٽرنيشنل ڊيسڪ پاران شگر جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اولڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے