19 پیر , نومبر 2018

غربت جي خاتمي لاءِ چيني تجربن مان فائدو وٺنداسين: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اسان جي حڪومت ملڪ مان غربت جي خاتمي لاءِ چيني تجربن مان فائدو وٺندي. چيني سفير يائوجنگ بني گالا ۾ عمران خان سان ملاقات ڪئي ۽ چونڊن ۾ ڪاميابي تي ڪميونسٽ پارٽي جي قيادت طرفان کيس مبارڪ ڏني. ان موقعي تي عمران خان چيو ته اسان چين سان لاڳاپن کي اهميت جي نگاهه سان ڏسون ٿا ۽ پاڪستان ۾ غربت جي خاتمي لاءِ چين جي تجربن مان فائدو وٺنداسين. هن چيو ته اسان جي حڪومت ماحوليات جي تحفظ لاءِ چين سان ڀائيواري ۾ دلچسپي رکي ٿي ۽ چين جي ڪاميابين مان فائدو وٺڻ جا خواهشمند آهيون. چيني سفير قانون جي بالادستي لاءِ تحريڪ انصاف جي نظرئي جي حمايت ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي بانين جي جدوجهد تاريخ ۾ منفرد مقام رکي ٿي، غربت جي خاتمي لاءِ عمران خان جو نظريو ساراهه جوڳو آهي. ان موقعي تي چيني سفير معيشت ۽ سفارت ۾ پاڪستان سان ڀرپور سهڪار جاري رکڻ جو پڻ اعلان ڪيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت مس ايڊونچر جي ڪوشش ڪئي ته ڀرپور جواب ڏينداسين: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے