13 منگل , نومبر 2018

نواز شريف جي صحت ۾ بهتري، ٻيهر اڊيالا جيل موڪلڻ جي ترديد

Nawaz Sharif moved to PIMS hospital, the credit card of the cardinal center was a sub-jailerاسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي حالت ۾ بهتري آئي، جڏهن ته ڊاڪٽرن هڪ دفعو ٻيهر کيس جيل موڪلڻ جي ترديد ڪئي آهي. پمز جي ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته گذريل رات جي شوگر، بلڊ پريشر ۽ اي سي جي جي رپورٽ مڪمل ناهي، اهو ئي سبب آهي ته اڄ نواز شريف جون سموريون ٽيسٽون ٻيهر ڪيون وينديون. هارٽ اسپيشلسٽ ڊاڪٽر نعيم پنهنجي ٽه رڪني ٽيم سان گڏ اڄ نواز شريف جي ٻيهر چڪاس ڪري رهيو آهي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته نواز شريف جي جيل واپسي سندس صحت سان مشروط آهي ۽ سندس مڪمل صحتيابي جو اعلان لاڳاپيل عملدارن کي ڏنو ويندو. پمز اسپتال جو ميڊيڪل بورڊ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي صحت جو جائزو وٺي رهيو آهي، جڏهن ته سندس ذاتي ڊاڪٽر عدنان به ميڊيڪل بورڊ سان رابطي ۾ آهي ۽ اسپتال انتظاميه کي پراڻين دوائن بابت آگاهه ڪري رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے