15 جمعرات , نومبر 2018

چونڊن ۾ ڌانڌلين جي سنگين الزامن جي جاچ ٿيڻ گهرجي

دنيا جي مهذب ملڪن ۾ عام چونڊون هڪ معمول جي پريڪٽس هجن ٿيون، جن ذريعي عوام ووٽ جو حق استعمال ڪري ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ حڪومتون وجود ۾ اچن ٿيون، جن جي بنيادي ذميواري ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ، کين صحت، تعليم، روڊ رستن، پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ سير ۽ تفريح جهڙيون سهولتون سندن درن تي پڄائن هوندو آهي، عوام جي ووٽن سان جيڪي حڪومتون وجود ۾ اينديون آهن، سي عوام جون نمائندا حڪومتون هئڻ ڪري دنيا جي قومن سان پنهنجي ملڪ ۽ معاشري جي خواهش پٽاندڙ سفارتي لاڳاپا به رکنديون آهن ته وڻج واپار جا لاڳاپا به، سو چوڻ جو مطلب ته چونڊيل حڪومتن ۽ فرد واحد جي حڪومت/آمريت ۾ بنيادي فرق ئي اهو هوندو آهي ته چونڊيل سرڪار جيڪي به فيصلا ڪندي آهي تن ۾ عوام جي راءِ شامل سمجهي ويندي آهي پر ان جي ابتڙ آمريتن ۾ جيڪا فيصلا ڪيا ويندا آهن سي ان ڪري به عوامي فيصلا ناهن سمجهيا ويندا جو اهي فرد واحد جا فيصلا هوندا آهن ۽ انهن ۾ عوام جي راءِ شامل ناهي هوندي.

اسان جي ملڪ ۾ ۽ دنيا جي سڌريل سماجن ۾ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ بنيادي فرق ئي اهو آهي ته اسان وٽ عوام جي ووٽ جو تقدس پائمال ٿيڻ، معمول جي ڳالهه بڻجي چڪي آهي ۽ سڌريل سماجن ۾ ووٽ جو تقدس پائمال ٿيڻ يا ماڻهو جيڪو ووٽ وجهي ٿو تنهن سان هٿ چراند جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي پر ان جي ملڪ ۾ صورتحال ئي مڪمل طور مختلف آهي، هتي شايد ئي ڪي اهڙيون چونڊون هجن جن سان هٿ چراند نه ٿي هجي.

صوبن ۾ گورنر وفاق جا رياست جا نمائندا هوندا آهن سو سنڌ ۾ محمد زبير به وفاق/رياست جو نمائندو هو، تنهن ٽيون ڏينهن گورنر هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن تن جي جاچ ٿيڻ گهرجي. محمد زبير جو چوڻ هو ته هڪ جماعت کي کٽائڻ لاءِ چونڊون مينيج ڪيون ويون، هن چيو ته ووٽن جي ڳڻپ پولنگ عملي جو ڪم آهي، ادارن جو نه. هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ پولنگ جو وقت ختم ٿيڻ کان پوءِ پولنگ ايجنٽن کي ٻاهر ڪڍيو ويو. محمد زبير اها پريس ڪانفرنس ڪرڻ کان پوءِ گورنر هائوس مان پنهنجي ذاتي رهائشگاهه منتقل ٿي ويو. هن چيو ته کيس اڳين حڪومت گورنر مقرر ڪيو هو، تنهن ڪري هو پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ٿو ڏئي، ڇو جو نئين گورنر جي مقرر چونڊيل حڪومت جو صوابديد آهي.

نه رڳو سنڌ جي گورنر پر پاڪستان پيپلز پارٽي، مسلم ليگ نواز، ايم ڪيو ايم، عوامي نيشنل پارٽي، پختونخوا ملي عوامي پارٽي، جماعت اسلامي، جمعيت علماءِ اسلام (ف) سميت تقريبن سموريون جماعتون چونڊن جي نتيجن کي رد ڪري چڪيون آهن. سندن الزام هوبهو اهڙا ئي آهن، جن ڳالهين جي نشاندهي سنڌ ۾ چونڊن دوران گورنرن جي عهدي تي ويٺل محمد زبير ڪئي آهي. زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکندي به انهن الزامن ۾ ان ڪري وزن ٿو لڳي جو چونڊن کان پوءِ ملڪ اندر جيڪو استحڪام آيو سو ته ٺهيو ويتر هر هنڌ هر تڪ تي افراتفريءَ جو ماحول آهي، جنهن به جتي به کٽيو آهي، تنهن خلاف شڪست کاڌل اميدوار ٻيهر ڳڻپ ڪرائي رهيو آهي يا ٻيهر ڳڻپ جون درخواستون ڏئي رهيو آهي، ڪٿي اهي درخواستون قبول ته ڪٿي رد پيون ٿين. مطلب ته 25 جولاءِ تي ٿيل چونڊن جي ساک وفاق ۽ چئني صوبن ۾ حڪومتون ٺهڻ جو عمل مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي سواليا نشان بڻيل آهي، جن تڪن تي ٻيهر ڳڻپ ٿي آهي تن تي نتيجا تبديل به ٿيا آهن، جن سان چونڊن ۾ ڌانڌلين جي الزامن کي ويتر هٿي ملي ٿي.

جن ملڪن ۽ معاشرن ۾ ووٽ جي عزت ۽ تقدس هوندو آهي، سي معاشرا ايئن بحرانن ۽ بي يقيني جي ور قطعي طور به چڙهيل ناهن هوندا، جيئن اسان جي ملڪ ۾ آهي. عام چونڊون جڏهن اسان وٽ به دنيا جي مهذب ملڪن وانگر معمول جي پريڪٽس بڻيون، هتي به ائين ئي عام ماڻهوءَ جي ووٽ جو تقدس ۽ ڀرم برقرار رهيو، جيئن سڌريل سماجن ۾ آهي ته يقيني طور هتي ڪڏهن به ڪنهن به چونڊجي شفافيت تي آڱر کڄڻ يا سوال اٿڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. ماضيءَ جي عام چونڊن جي ڀيٽ ۾ هنن چونڊن (25 جولاءِ 2018 وارين) جي شفافيت برقرار رکڻ لاءِ جيڪي اڳواٽ اپاءَ ورتا ويا هئا نتيجن جي بروقت ماڻهن تائين پهچڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي جيڪا ڳالهه ڪئي وئي هئي تنهن کي نظر ۾ رکي سمجهيو ايئن ٿي ويو ته هي جيڪي چونڊون ٿين پيون سي شايد ملڪ جي تاريخ جون صاف ۽ شفاف چونڊون هجن.

ملڪ ۾ اڳ جي ڀيٽ ۾ هنن چونڊن جي مهم دوران  ٿيل دهشتگرديءَ جا واقعا ايڏي وڏي پيماني تي نه هئا جيڪي 2013 وارين عام چونڊن ۾ ٿيا هئا، پر ان باوجود اڪثر جماعتن کي چونڊ مهم لاءِ برابريءَ جا موقعا نه ملڻ جي شڪايت هئي، تنهن هوندي به مختلف جماعتن ڀرپور سياسي مهم هلائي، ووٽرن کي موبلائيز ڪيو، تنهن ڪري ڪراچيءَ کان خيبر تائين صبح کان شام تائين پولنگ اسٽيشن ٻاهران ووٽرن جون قطارون لڳل رهيون. ٽرن آئوٽ به 52 سيڪڙو کان مٿي رهيو، اهڙي صورتحال ۾ جڏهن وڌ ۾ وڌ ووٽر پنهنجي پسند جا نمائندا لاءِ پولنگ اسٽيشن تي پهچن ۽ پنهنجي ووٽ جي حق جو استعمال به ڪن ته انهن جي ووٽ جو تقدس ۽ ڀرم رکڻ ۽ تحفظ ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جي بنيادي ذميواري آهي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته چونڊ هارائيندڙ طرفان ڌانڌلين جا الزام معمول هوندا آهن پر سوشل ميڊيا تي مختلف جماعتن جي اميدوارن جي چونڊ نشانن تي ٽپن وارن بيلٽ پيپرن جو گندگيءَ جي ڍير مان ملڻ، باڪسن جا باڪس غائب ٿيڻ، کٽندڙ ۽ هارائيندڙ جي وچ ۾ ووٽن جو انتهائي گهٽ فرق ۽ انهن تڪن تي وري هزارن جي تعداد ۾ ووٽ رد ٿيڻ چونڊن جي شفاف هئڻ تي ڪيترا سوال اٿارن ٿا. سو عام ووٽر جي ووٽ جو تقدس برقرار رکڻ لاءِ حقدارن کي حق ملڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌلين جي جاچ ٿيڻ گهرجي.

اڱارو 31 جولاءِ 2018ع، 17 ذوالقعد 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

…۽ هاڻي سنڌ ۾ ٻيلن جي واڍي، ڳالهه ڪٿي ڇيهه ڪندي..!!؟

اڄ سنڌ ۾ صدين کان بيٺل ٻيلن جو وجود خطري ۾ پئجي ويو آهي، سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے